اوديسا
اوديسا يوڪرين جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر ۽ سامونڊي بندرگاھ آھي. ھي شھر يوڪرين جي ڏکڻ اولھ ۾ ڪاري سمنڊ جي اتر اولھ واري ساحل تي آباد آھي. ھي شھر اوديسا اوبلاسٽ (صوبي) ۽ اوديسا رائئون (ضلعي) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھن شھر کي ڪاري سمنڊ جو موتي ، ڀوڳ چرچن جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ ڏاکڻيون تدمر سڏيو وڃي ٿو. جڏھن يوڪرين سوويت يونين جو حصو ھو تڏھن ھن شھر کي ”ڏاکڻيون گاديءَ جو ھنڌ“ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,015,826 آھي. ھن شھر جا رھواسي يوڪريني ۽ روسي ٻوليون ڳالھائين ٿا.
Read article