گهڻ لساني ڄاڻ چيڪلو From Wikipedia, the free encyclopedia
وڪيپيڊيا(Wikipedia) (اچار /ˌwɪkiˈpiːdi.ə/ يا /ˌwiki-/) (تلفظ: i/ˌwɪkɨˈpiːdiə/ or i/ˌwɪkiˈpiːdiə/ WIK-i-PEE-dee-ə) ويب آڌاريل گھڻ لساني کليل مواد ڄاڻَ چيڪلو آهي.
وڪيپيڊيا لوگو | |
Screenshot | |
سائيٽ جو قِسمُ |
Internet encyclopedia |
---|---|
۾ موجود | 288 editions[1] |
مکيه دفتر | |
ڌڻي | وڪيميڊيا فائونڊيشن |
جي رچنا | جيمي ويلز, Larry Sanger[2] |
يوآرايل | wikipedia.org |
تجارتي | No |
رجسٽريشن | Optional[notes 1] |
يوزرز | 46 active editors[notes 2] and 19,346 registered editors |
۾ لکيل | لينڪس A M پي ايڇ پي platform[3] |
هيءُ ڄاڻ چيڪلو دنيا جي 253 ٻولين ۾ ڀاڱيوارائي طور رضاڪار لکي رهيا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن. اڪثر مقالا کليل مواد آهن، جن کي ڪو به ترميمي سگھي ٿو. هيءَ رٿا بنا نفعي نقصان جي بنياد تي ڪم ڪندڙ وڪيذريعات پيڙهڪا هلائي رهي آهي. جيڪڏهن وڪيپيڊيا يُوزر کي ڳڻپيوڪر (ڪمپيوٽر)، سمارٽ فون، انٽرنيٽ ڪنيڪشن، ۽ هڪ ويب جھانگُوءَ جي سهوليت ميسر آهي تہ هُو وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود صفحن کي سنواري سگھي ٿو ۽ نوان صفحا پڻ متعارف ڪرائي سگھي ٿو، جيڪي پڻ کليل مواد تصور ڪيا ويندا. ھِن رِٿا جو بُنياد جنوري 15، 2001ع، تي رکيو ويو، ۽ اڄ وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي موجود وڏي ۾ وڏو، تڪڙي ۾ تڪڙو وڌندڙ ۽ مقبول ترين عام حواليه ڄاڻ جو خزانو آهي. نومبر 2007ع تائين، وڪيپيڊيا تي 253 ٻولين ۾ 91 لک مضمون لکجي چڪا هئا. انگريزي وڪيپيڊيا سيپٽمبر 9، 2007ع تي 20 لک مضمونن جو حدف پورو ڪيو. پنهنجي وڌندڙ مقبوليت باعث، هن وقت وڪيپيڊيا انٽرنيٽ تي گھڻي ۾ گھڻو گُھمجندڙ 10 ويب سائيٽن ۾ شمار ٿي ٿِي.
وڪيپيڊيا جو مواد کليل هُئڻ ڪري، ان جي قابل اعتبار ۽ تز هئڻ تي سوال اُٿاريا ويندا رهيا آهن. وڪيپيڊيا تي ٿيندڙ تنقيد جو مرڪز واندائپ آهي، جنهن جو نشانو وڪيپيڊيا ٿي سگھي ٿي؛
جنهن ۾ بي معنيٰ ۽ بي مقصد اکر يا جملا وجھڻ، غير درست ڄاڻ رکڻ، جانبداريءَ تي ٻڌل ڄاڻ رکڻ، وغيره وغيره شامل آهن. تجربو ٻڌائي ٿو تہ واندائپ تمام ننڍو مُدو رهي سگھندي آهي.
وڪيپيڊيا جي سنڌي ورزن، سنڌي وڪيچيڪلو جو بُنياد 21هين فيبروري 2006ع تي جناب احسان احمد عرساڻيءَ وِڌو. هن وقت سنڌي وڪيچيڪلو تي 18,353'
مضمون لکجي چڪا آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.