مادي جي چار بنيادي حالتن مان ھڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
طبیعيات ۾ گيس یا فارغو (انگريزي؛ Gas) مادي جي اها حالت آهي، جنهن ۾ مادي جي ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي ۽ ان جا ذرا يعني اُڻا (ائٽم) ۽ مالڪيولَ يا پرماڻا آزاداڻي حرڪت ڪن ٿا. مثال جي طور تي، هوا جنهن ٿانوءَ ۾ بند آهي، اها ان جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي. نهري (سخت) ۽ پاڻياٺ جي ڀيٽ ۾ فارغو سولائي سان پکڙجي ۽ سُسي سگهي ٿي. ٿڌو ڪرڻ ۽ گهربل ٿڌ ڏيڻ سان فارغو کي ، پاڻيٺ ۽ نهري حالت ۾ بدلائي سگهجي ٿي. گئس کي سوگھو ڪرڻ لاء ھر پاسي کان بند ڪرڻو پوندو آهي.
هتي گيس کي سمجهڻ لاءِ انگريزي لفظ gas جي اصل بڻ بنياد (etymology) کي بنياد بڻايو ويو آهي. لغت موجب گيس جو لفظ يوناني جي khaos مان ورتل آهي. جنهن جي معنا خالي هئڻ جي آهي. هاڻي گيس جو لفظ سائنس ۾ اَڄڪلهه جي بنيادي معنا سان گڏوگڏ اهي سڀئي معنائون به رکي ٿو جن کي گيس جون خاصيتون (properties of gas) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
جيئن ته انگريزي جي لفظ gas جي لاءِ ٻيا ممڪن متبادل نه آهن، جيئن بخارَ vapor، ڌنڌ mist سان وڌيڪ ميل کائي ٿو، نه ڪي گيس سان. جيئن ته gas جو لفظ تمام گهڻو ڪَتب اچي ٿو، تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ان جو متبادل ٺاهڻو آهي ته پوءِ اهو انگريزيءَ جي گيس لفظ وانگر ئي سولو هجڻ گهرجي.
ڪنهن به فارغو جي ڏنل خاص مقدار ۾، ان فارغو جي حرارت جي درجي، حجم ۽ دٻاءَ جي پاڻ ۾ تعلق کي فارغو جا قانون چيو وڃي ٿو. ٻنيادي طور تي فارغو جا هي هيٺ ڏنل ٽي قانون اهم آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.