ڪيريبيئن ۾ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
ڊومينيڪن ريپبلڪ (انگريزي: Dominican Republic) اسپيني: República Dominicana) ڪيريبين سمنڊ واري خطي ۾ ھسپانيولا ٻيٽ تي واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي. جيڪو ھسپانيولا ٻيٽ جي 62.5 سيڪڙو حصي تي مشتمل آهي ۽ ٻيٽ جي باقي حصي تي ھيٽي ملڪ واقع آھي.[12][13]ھي ملڪ پکيڙ ۾ ڪيوبا کان پوءِ ڪيريبئن سمنڊ جو ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي ۽ آبادي ۾ ٽيون نمبر آھي. سندس ھڪ ڪروڙ جي آبادي مان ٽيھ لک ماڻھو گاديء جي ھند، سانتو ڊومنگو ۾ رھن ٿا. [14][15]
ڊومينيڪن ريپبلڪ | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Dios, Patria, Libertad" (اسپيني) "God, Homeland, Freedom" | |||||
ترانو: ¡Quisqueyanos Valientes! ¡Valiant Quisqueyans! | |||||
گادي جو هنڌ | سانتو ڊومنگو 19°00′N 70°40′W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | سانتو ڊومنگو | ||||
دفتري ٻوليون | اسپيني ٻولي | ||||
نسلي گروھ | |||||
مقامي آبادي | ڊومينيڪن [2] | ||||
حڪومت | وحداني صدارتي ريپبلڪ [1] | ||||
• صدر |
ڊينلو ميڊنا | ||||
• نائب صدر |
مارگريٽا سيڊينو ڊي فرننڊيز | ||||
مقننه | ڪانگريس | ||||
سينيٽ | |||||
چيمبر آف ڊيپوٽيز | |||||
آزادي | |||||
• اسپين کان |
پھرين ڊسمبر 1821 [3] | ||||
• اسپين کان |
16 آگسٽ , 1863[4] | ||||
• يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان |
12, جولاء 1924[5] | ||||
• يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان |
1, جولاء 1965[6] | ||||
• موجوده آئين |
13 جون 2015[7][8] | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
48٬671 km2 (18٬792 sq mi) (128th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.7[1] | ||||
آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
10,735,896[9] (86th) | ||||
• 2010 مردم شماري |
9,478,612[10] | ||||
• گھاٽائي |
220 /km2 (569.8 /sq mi) (65th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$186.983 ارب ڊالر [11] | ||||
• في سيڪڙو |
$18,164[11] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$81.653 ارب ڊالر [11] |
ستين صدي عيسويءَ کان ھتي ٽائنو نسل جا ماڻھو رھندڙ ھيا. 5 ڊسمبر 1492 ھتي ڪرسٽوفر ڪولمبس پھتو. سانتو ڊومنگو واري جاء تي آمريڪا جي سڀ کان پھرين يورپي ڪالوني قائم ٿي. يورپين جي آمد کان پھرين اصل مقامي ماڻھن سڄي ھسپانيولا جي ٻيٽ کي پنجن سردارين (انگريزي: chiefdoms)۾ ورھائي ڇڏيو ھو. ڪرسٽوفر ڪولمبس ان ٻيٽ دريافت ٿيڻ کانپوءِ ان پھرين سفر ۾ ئي ان جي مالڪي جي دعویٰ ڪئي. ان ٻيٽ کي اسپين پنھنجو اڏو بڻايو جتان پوء ان کي ڪيريبين جي ٻين علائقن ۽ آمريڪا کي فتح ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي. 1697 ۾ اسپين ٻيٽ جي اولھ واري ٺئين حصي تي فرانس جو ڪنٽرول تسليم ڪيو جيڪو 1804 م ھيٽي بڻيو.
ھيٽي جي قيام وقت موجوده ڊومينيڪن ريپبلڪ جو علائقو سانتو ڊومنگو سڏبو ھيو ۽ 1821 ۾ ان خودمختيار ٿيڻ چاھيو پئي پوء بہ ان تي 22 سال ھيٽي جي حاڪميت رھي آخرڪار 1844 ۾ ھيٽي کان آزادي حاصل ڪئي.1861 م ڊومينيڪن پنھنجي مرضيءَ سان اسپين جي ايمپائر ۾ شامل ٿيا پر ٻن سالن بعد اسپين سان جنگ شروع ڪري 1865 ۾ اسپين کان آزادي ورتي.
1930 ۾ رافيل ليونائيڊس ٽروجيلو ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي جيڪا 1961 تائين جاري رھي.
1962 ۾ جئان بوش اليڪشن ۾ صدر چونڊيو ويو پر 1963 ۾ فوج بغاوت ڪري اقتدار پنھنجي قبضي ۾ آندو. 1965 ۾ آمريڪا جي مدد سان جئان بوش جي بحالي جي تحريڪ ھلي.
1966 جي صدارتي اليڪشن ۾ جوئڪئين بلاگر بوش کي شڪست ڏني ۽ ٽيھ سالن تائين اقتدار ۾ رھيو.1996 ۾ اليڪشن ۾ ڌانڌلين جي ڪري عالمي دٻاءُ جي ڪري ھن اقتدار ڇڏيو ۽ پوء صدارتي اليڪشن ٿي جنھن ۾ مخالف ڌر جو اميدوار ليونيل فرننڊيز رينا چونڊون کٽي آيو ۽ 1996 کان 2000 تائين صدر رھيو . آئين ۾ ترميم ذريعي ٻئي مدي لاءِ چونڊ جي اجازت ملڻ بعد 2004 ۾ وري چونڊجي آيو ۽ لاڳيتو ٻئي مدي لاءِ وري چونڏجي آيو. 2012 ۾ ڊينيلو ميڊينا صدر چونڊجي آيو جيڪو ٻئي مدي لاءِ 2016 ۾ وري چونڊجي آيو[16].
ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ آھي. مقامي نالو ريپبلڪا ڊومنيڪنا آھي. مختصرن ان کي لا ڊومينيڪنا چوندا آهن. ھن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ سانتو ڊومنگو جي نالي جو مطلب سينٽ ڊومينڪ اھي. ان شھر جي نالي تان ھن ملڪ جو نالو ڊومينيڪن ريپبلڪ رکيو ويو[16].
ملڪ جو سياسي نظام صدارتي آھي. حڪومت جي گادي سانتو ڊومنگو ۾ آهي. انتظامي طور تي ھي ملڪ ڏھن خطن ۾ ورھايل آھي[16]:
ھتان جو ديواني قانوني نظام فرانس جي سول ڪوڊ تي مشتمل آهي. ھتان جي فوجداري ڪوڊ کي 2004 ۾ ڪافي تبديل ڪيو ويو. ھي ملڪ ڄمڻ جي بنياد تي شھريت نہ ڏيندو آهي. ٻٽي شھريت کي تسليم ڪري ٿو. بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي. ماڻھن کي ووٽ جو حق 18 سالن جي عمر ۾ ملندو آھي پر شادي شده ماڻھو لاءِ ووٽ جي حق استعمال ڪرڻ ۾ عمر جي حد ڪانھي. ھن ملڪ ۾ فوج ۽ پوليس کي ووٽ جو حق ناھي مليل[16].
ھن ملڪ ۾ رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ صدر ھوندو آھي. ڪابينه جي نامزدگي صدر ڪندو آهي.ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نيشنل ڪانگريس(اسپيني: Congreso Nacional) آھي جيڪا ٻہ ايواني آھي. مٿيون ايوان سينيٽ(اسپيني:Senado) آھي جنھن جون 32 سيٽون آھن. ميمبر تڪن مان سڌي چونڊ وسيلي سادي اڪثريت سان چئن سالن لاءِ چونڊبا آھن. ھيٺيون ايوان ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز (اسپيني:Camara de Diputados) سڏبو آهي جنھن جون 190 سيٽون آھن. ميمبر گڏيل سيٽ جي تڪ مان سڌي طرح اليڪشن سان متناسب نمائندگي جي بنياد تي چئن سالن جي لاء چونڊبا آھن[16].
ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 19 00 N, 70 40 W آھي ۽ دنيا جي نقشي ۾ ھي ملڪ وچ آمريڪا ۽ ڪيريبين واري خطي ۾ آھي. ان جي پکيڙ 48,670 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 48,320 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 350 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ دنيا اندر 132 نمبر تي آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 376 ڪلوميٽر آھي جيڪا ھيٽي سان ملي ٿي. بحري سرحد ٽوٽل 1288 ڪلوميٽر آهي.سمنڊ ۾ ھن ملڪ جي ايراضي 12 ناٽيڪل ميل آھي ۽ ان سان گڏوگڏ 24 ناٽيڪل ميلن جو علائقو بہ دعویٰ ۾ اٿس ۽ ان جي مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آهي[16].
ھن ملڪ جي آبهوا ٽراپيڪل آھي۽ برساتن ۾ موسم تبديل ٿي ويندي آهي. ھن ملڪ جي سراسري اوچائي 424 ميٽر آھي. ملڪ جو سڀ کان بلند ترين مقام پيڪو دئارٽي آھي جيڪو 3098 ميٽر بلند آھي. ھتان نڪرندڙ معدنيات ۾ نڪل، باڪسائيٽ، سون ۽ چاندي آھن[16].
ملڪ جي 51.5 سيڪڙو زمين زرعي آھي ۽ 16.6 سيڪڙو زمين پوکي لائق آھي ۽ ان مان 10.1 سيڪڙو زمين تي مستقل پوکي ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 24.8 سيڪڙو زمين تي مستقل چراگاھون ۽ 40.8 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.ملڪ جي آبپاشي واري زمين 2012 ۾ 3070 چورس ڪلوميٽر آهي[16].
ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 10,734,247 ھئي ۽ آبادي ۾ دنيا ۾ 86 نمبر تي ھيو. ھتان جي آبادي جو وڏو حصو مڪسڊ يا گڊرن وارو آھي جيڪي آبادي جو 70.4 سيڪڙو آھن.، جن مان 58 سيڪڙو ميسٽيزو ۽ 12.4 سيڪڙو مولاٽو آھن. ان کان علاوه ڪارا آفريڪي 15.8 سيڪڙو، گورا 13.5 سيڪڙو آھن. ھتان جي سرڪاري ٻولي اسپيني آهي. ماڻھن جو 95 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 5 سيڪڙو باقي ٻين مذھبن وارا آھن[16].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.