هندستاني جرنلسٽ From Wikipedia, the free encyclopedia
نيها ڊڪشت (انگريزي ٻولي: Neha Dixit) ڀارتي صحافي ۽ ليکڪا آهي. ڏکڻ ايشيا ۾ جنسيات، سياسي ۽ سماجي انصافتي تحقيق واروڪم ڪرڻ جي سبب کان هيءَ مشهور آهي. سندس صحافت ۾ پنهنجي قابليت سبب کان درجن کن ملڪي ۽ بين الاقوامي اعزاز کيس مليا آهن. هيءَ جامعہ مليہ اسلاميہ جي نامياري اڳوڻي شاگردن منجهان هڪ آهي، ۽ ڀارت ۾ ناريون صحافي نيٽورڪ جي ميمبر آهي.[4][5][6]شيڊو لائنز (انگريزي: Shadow Lines)، دي بنڊت ڪوئين (انگريزي: The Bandit Queen) وغيرہ ڊڪشت جا قابل ذڪرلکڻيين وارا ڪم آهن.
نهيا ڊڪشت ابتدائي تعليم لکنئو ۾ حاصل ڪئي ۽ انگريزي ادب ۾ دهلي يونيورسٽي جي ميرانڊا هائوس کان بي۔اي ڪئي اٿائين. ڊڪشت جامعہ مليہ اسلاميہ جي اي۔جي۔ڪي ماس ڪميونيڪيشن ريسرچ سينٽر جي ڪنورجنٽ جرنلزم ۾ ايم۔اي ڪئي آهي. ورلڊ پريس انسٽيچيوٽ ۽ نائٽ سينٽر ۾ ريسرچ فيلو رهي آهي. هيءَ ڀارت ۾ نارين جي صحافي نيٽورڪ جي ميمبر پڻ آهي.[5]
نيها پنهنجي صحافي زندگي جو سفر جي شروعات تيهلڪا ميگزين کان شروع ڪيو هيو. [7]انکانپوءِ نيها هيڊلائن ٽوڊي (هاڻي انڊيا ٽوڊي) جي خاص تحقيقي ٽيم ۾ شريڪ ٿي هئي. سال 2013 کان نهيا آزاد صحافي (فريلانس جرنلسٽ) طور ڪم ڪري رهي آهي.[8] الجزيرا، آئوٽلک ميگزين، سمٿسونين ميگزين، فارين پاليسي، دي ڪاروان، دي نيو يارڪ ٽائمز جي انڊيا انڪ بلاگ، همل سائوٿ ايشين، دي وائر، واشنگٽن پوسٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي پبليڪيشنز ۾ سندس ليکَ (لکڻيون، مضمون ) ڇپجي ايندا آهن. ڊڪشت نالسار يونيورسٽي ۽ اشوڪا يونيورسٽي ۾ پڙهائيندي آهي. هن ڪولمبيا اسڪول آف جرنلزم ، نيو يارڪ يونيورسٽي ۽ گوٽنجن يونيورسٽي ۾ سماجي انصاف ۽ صحافت بابت ليڪچر ڏيندي آهي. سماجي ۽ معاشي اعتبار کان پُٺتي پيل ماڻهن ۽ مسلمانن سان تعلق رکندڙ ۽ فرقي واري سياست جي خلاف لکڻ جي ڪارڻ کان ڊڪشت کي ٽرولنگ کانسواءِ ڊڪشت کي لٺ لٽڻ (عصمت دري)، قتل، جسماني حملن جون ڌمڪيون پڻ ملنديون اهن.[9]
ڊڪشت پهرئين ناري صحافي آهي جنهن آر ايس ايس بابت دستاويزي فلم سامهون آندي هئي تہ اهي ڪهڙِي ريت انساني بازارڪاري|بازارڪاري جي ذريعي سان قبائلي ڇوڪرين کي دماغ ڌوئي (برين واش) ڪندا آهن. سندس ان رپورت کانپوءِ اَٽڪل 25 برين واش ڇوڪرين کي برآمد ڪري پنهنجي گهر ڀاتين سان ملايو ويو آهي.[10]
ڊڪشت کي ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي چند قابل ذڪر اعزاز هيٺ درج آهن.:
نهيا ڊڪشت جا ڪجهہ نمايان ويچارَ هيئن آهن :[9]
” | جيئن جيئن آئون آزاد ٿيندي ويس، ٻين ماڻهن جو جيڪي منهنجي مٿان اختيار هيو، ختم ٿيندو ويو. | “ |
” | جيسيتائين همدري سماج ۾ آهي، معاشرو مرد ۽ نارين جي لاءِ غير مساوي آهي. | “ |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.