هندستاني ليکڪا ۽ صحافڻ From Wikipedia, the free encyclopedia
نتاشا بڌوار (انگريزي ٻولي: Natasha Badhwar) ڀارتي ليکڪا، ڪالم نگار، صحافي ۽ آزاد فلمساز آهي. هيءَ نئي دهلي ٽيليويزن لميٽيڊ سان 13 سال تائين واڳيل رهي آهي. منهنجي ڌيءَ جي ماءُ (My Daughters Mum) ۽ پل ڀر جي لاءِ امر، نتاشا جا شاهڪار ڪتاب آهن. اين ڊي ٽي وي تان رخصتي وٺڻ مهل سندس وائس پريزيڊينٽ آف ٽريننگ اينڊ ڊيولوپمينٽ جو عهدو تي هئي. نتاشا بڌوار ڀارت جي پهرئين ناري وڊيوگرافر صحافي آهي.[1] [2][3] نتاشا هرش مندر ۽ اورجان ديال سان تحديد لاڳاپا: ڪاروان محبت جو زخمي انڊيا ۾ اتحاد جو سفر ڪتاب لکيو هيو.[1]
نتاشا بدھوار | |
---|---|
پيدائش | جُولاءِ 1971 (عمر 53 سال) رانچي, ڀارت |
سَرگَرمُ سالَ | سال 1995 —کان 2007 تائين |
تنظيم | اين ڊي ٽي وي |
مشھور ڪم | منهنجي ڌيءَ جي ماءُ، پل ڀر جي لاءِ امر |
سال 1947 ۾ هندستان جو ورهاڱو سبب هر پاسي وڳوڙ ٿي رهيا هيا. انهن وڳوڙن ۾ نتاشا بڌوار جو پيءُ ڏاڏو جو گهر جيڪو لاهور، هاڻي پاڪستان ۾ موجود هيو، ڊانهين پَٽ ڪيو ويو. نتاشا پنهنجي امڙ کان اهي ئي ڪهاڻيون ٻُڌي وڏي ٿي آهي.[4]
نتاشا بڌوار جي شادي سال 2002 ۾ مرزا افضل بيگ سان ٿي هئي. افضل جو تعلق غازي پور، اتر پرديش جي عادل آباد ڳوٺ سان آهي، ٻئي زال مڙس پنهنجي مذهبي معاملن ۾ جدا آهن. نسيم نالو جو هڪ ڇوڪرو ۽ اليزا ۽ سحر نالو کين ٻہ ڌيئر آهن.[5][4][1]نتاشا پنهنجي مڙس مرزا افضل، ۽ ٽن ٻچن سان گڏ دهلي ۾ رهندي آهي.[6]
نتاشا بڌوار 11 جولاءِ 1971 تي رانچي ڀارت ۾ جنم ورتو هيو. نتاشا جي تربيت ڪولڪاتا ۾ ٿي هئي.[2][1] نتاشا پنهنجي شروعاتي تعليم لوريٽو ڪانوينٽ اسڪول رانچي منجهان حاصل ڪئي ۽ دهلي پبلڪ اسڪول آر-ڪي پورم، دهلي کان پنهنجي اسڪولي تعليم جي تڪميل ڪئي اٿائين. نفسيات ۾ دهلي يونيورسٽي منجهان بي-اي ۽ ماس ڪميونيڪيشن ۾ ايم-اي جي ڊگري جامعا مليہ اسلاميہ منجهان حاصل ڪئي اٿائين.
نتاشا پنهنجو صحافتي سفر سال 1995 ۾ اين ڊي ٽي وي تان شروع ڪيو ۽ تيرنهن سال تائين ان ادارو سان واڳيل رهي. ڀارت ۾ نتاشا پهرئين ناري وڊيوگرافر صحافي مڃي ويندي آهي. سال 2007 ۾ نتاشا اين ڊي ٽي وي کان الڳ ٿي وئي، جڏهن سندس وائس پريزيڊينٽ آف ٽريننگ اينڊ ڊيولوپمينٽ جو عهدو هيو.[2] سال 2002 ۾ نتاشا گجرات وڳوڙن جي وڊيوگرافي پڻ ڪئي آهي ۽ پنهنجي اکين سان وڳوڙن وسيلي اُتي ظلم ستم ٿييندي ڏٺو اٿائين.۔[4]
نتاشا جون ذڪر لائق لکڻيون هي آهن:[2]
نتاشا بڌوار جي ڪُجهہ ذڪر لائق ويچارَ هي آهن:[4]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.