From Wikipedia, the free encyclopedia
ملڪ(انگريزي: Мelik) جي معني بادشاھ يا شھزادو آھي. اھو آرمينيائي وراثتي لقب آھي جيڪي اوڀر آرمينيا جا امير پنھنجي نالي سان لڳائي استعمال ڪندا ھئا. انھن جي امارت کي ملڪڊم سڏبو ھو جيڪي ھن وقت جي يريون(انگريزي: Yerevan)، ڪرس(انگريزي: Kars)، نخچيون(انگريزي: Nakhichevan)،سيوان(انگريزي: Sevan)، لوري()، آرتسخ(انگريزي: Artsakh)، اتر اولھ پرشيا ۽ سيئونڪ(انگريزي: Syunik) ۾ واقع ھيون..[1] [2]ملڪن جون اھي پنج آرمينيائي جاگيردارانہ رياستون The five Armenian[3] يا ملڪڊم ڏھين کن ارڙهين عيسوي صدي تائين قائم رھيون [4]جن تي بلغاريائي، اسرائيلي، شاھ نظاريائي، حسن جلالاڻي، ايوانيائي، الھوردائي ۽ عطابيڪيائي خاندانن جي ملڪن حڪومتون ڪيون [5]1603 ۾ پرشيا جي شاھ عباس اول انھن جي خاص نيم خودمختيار حيثيت کي تسليم ڪيو ھو. ملڪن جي وچ ۾ اختلافن کين ڪڏھن بہ ھڪ رياست جي صورت ۾ مسلمانن جي خلاف متحد ٿيڻ نہ ڏنو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.