مرزاپور (وارھ)
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
ديھ مرزاپور (انگريزي: Deh Mirzapur) سنڌ جي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حمل تپي ۾ واقع آهي.
مرزاپور جاگير ديھ مرزاپور | |
---|---|
ديھ | |
Deh Mirzapur | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°26′31″N 67°35′20″E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 2,719 |
بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1914 کان 1940ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ جي سروي ڪانه ٿيل ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ مرزاپور، ڳوٺ ساکاڻي، ڳوٺ مينھون خان رند ۽ ڳوٺ گاجي خان معروف ڳوٺ آھن.
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 6، اوڀر ۾ ديھ چندني جاگير ۽ ديھ ڳاڙهي جاگير، اولھ ۾ ديھ ڪوھستان ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چڪ فريدآباد، ديھ چڪ بشارت ڪاڇڙي، ديھ حمل ڪاڇڙي واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ڪانہ ٿي آهي. ھن ديھ جو اڌ کان بہ وڌيڪ اوڀر وارو حصو حمل ڍنڍ ۾ شامل آھي.
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 2,719 ھئي جيڪا 545 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.