غلام ھالائي ابڙو
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
غلام رسول ”غلام“ ولد لطف -الله- خان ابڙو پنھنجي والد جي نوڪريءَ دوران 4 -جولاءِ- 1920ع تي ننگر -ٺٽي- ۾ پيدا ٿيو. ”غلام“ ھالائي فائينل جو امتحان پاس ڪري 1946ع ۾ پرائمري -استاد- مقرر ٿيو. پاڻ ھڪ سٺي -استاد- سان گڏ سٺو مصور، اديب، شاعر ۽ موسيقار به ھو، کيس گھڙي وڄائڻ ۾ مھارت حاصل ھئي. -استاد- بيبي خان ۽ -استاد منظور علي خان- سان ڪيترا ڀيرا گھڙي تي سنگت ڪرڻ جو شرف حاصل ڪيائين. پاڻ ھڪ بهترين ڊراما نويس پڻ ھو ۽ ڪيترائي پنھنجا ڊراما اسٽيج تي پيش ڪيائين. ”غلام“ صاحب شعر و سخن جي ھر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آھي. ”بزم رفيق“ ۽ ”بزم طالب الموليٰ“ سان خاص طور وابستگي ھيس ۽ ”الخالق ادبي اداري“ جو پڻ بنياد رکيائين. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ”سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن“ ھالا جي زير اھتمام ”روشن -تارا-“ اسڪول جو آخري عمر تائين ائڊمنسٽريٽر ٿي رھيو. 27 -آگسٽ- 1984ع تي انتقال ڪيائين ۽ ھالا ۾ پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.