عمان، اردن
اردن (جارڊن) جي راڄڌاني From Wikipedia, the free encyclopedia
اردن (جارڊن) جي راڄڌاني From Wikipedia, the free encyclopedia
عمان (عربي ٻولي: عَمّان pronounced [ʕam:a:n]، انگريزي ٻولي: Amman؛ English pronunciation: /ɑːˈmɑːn/) اردن مُلڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ ان جو سڀ کان وڏو شهر هئڻ سميت مُلڪ جو اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي.[3] اُتر وِچُ اولهه اردن ۾ واقع عمان شهر حڪومت جو انتظامي مرڪز آهي. شهر جي آبادي 40,07,526 ۽ پکيڙ 1،680 چئورس ڪلوميٽر (648.7 چورس ميل) آهي.[4] اڄ ڪلهه عمان شهر کي جديد ترين عرب شهرن منجهان هِڪُ سمجيو وڃِي ٿو.[5] هي علائقو (خِطو) خاص طور تي عرب ۽ يورپي سياحن جي لاءِ هڪ اهم سياحتي مقام آهي.[6]
عمان عَمّان | ||
---|---|---|
شهر | ||
عمان شهر، ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ: عبدلي منصوبو عمان جي اسڪاءِ لائن تي غالب، معبد هرقل جبل القلعو تي، شاهہ عبدالله اول مسجد ۽ رغدان علم چوب، عبدون پل، اموي محل، عثماني حجاز ريلوي اسٽيشن ۽ رومي ٿيٽر. | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 31°56′59″N 35°55′58″E | ||
ملڪ | اردن | |
اردن جا حاڪم | عمان شهر جا حاڪم | |
قيام | 7250 ق م | |
ميونسپالٽي | 1909 | |
حڪومت | ||
• ميئر | يوسف الشواربہ[1][2] | |
پکيڙ | ||
• ڪل | 1,680 ڪ.م2 (650 ميل2) | |
بلند ترین پیمائش | 1,100 ميل (3,600 ft) | |
گھٽ ترین پیمائش | 700 ميل (2,300 ft) | |
آبادي (2016) | ||
• ڪل | 4,007,526 |
عمان ۾ آباديءَ جون ابتدائي شاهديون نئون پٿر جو دؤر (Neolithic) جي مقام عين غزال وٽان مليون آهن جِتي آڳاٽا ترين 7250 ق.م وارا انساني ڍانچا لَڌا ويا آهن. لوهه واري زماني ۾ شهر کي عمون سڏيو ويندو هيو جيڪو مملڪت عمون جي گاديءَ جو هنڌ هُيو. رومي دور ۾ ان جو نالو فلاڊيلفيا هيو ۽ پوءِ اسلامي دور ۾ انکي عمان نالو ڏنو ويو. وچون دور ۽ وچون دور کانپوءِ هي هڪ غير آباد شهر هُيو. جديد عمان جي تاريخ اُڻويهين صديءَ ۾ آديگي تارڪين وطن جي عثماني سلطنت پاران اُتان سال 1867ع ۾ آباد ڪاري سان شروع ٿي هئي. پهريون بلدياتي ڪائونسل جو قيام سال 1909ع ۾ عمل ۾ آيو.[7] سال 1921ع ۾ اردن جي گاديءَ جو هنڌ بڻجڻ کانپوءِ عمان تيزيءَ سان ترقي ڪئي. شهر ۾ پناهگيرن جي لڳاتار لڏپلاڻ وارين لهرن کي پڻ سهارو ڏنو جنهن ۾ سال 1948ع ۽ 1967ع ۾ فلسطين کان، سال 1990ع ۽ 2003ع ۾ عراق کان ۽ سال 2011ع کانپوءِ شام جا پناهگير شامل آهن.
شروعات ۾ هي شهر ست ٽَڪرين تي آباد ٿيو ۽ هاڻي هي 19 ٽَڪِرِين تي پکڙجي چُڪو آهي. هن شهر جا 27 ضلعا آهن،[7] جيڪي عمان ميونسپالٽي جي انتظام هيٺ آهن ۽ ان جو هاڻوڪو ميئر يوسف الشواربہ آهي.[8] عمان جي علائقن جا نالا ٽَڪرين ۽ وادين جي نالي تي آن جتي اهي واقع آه مثلاً وادي عبدون ۾ واقع عبدون پاڙو.[7] آُڀرندو عمان بنيادي طور تاريخي ماڳن سان ڀريل آهي جيڪو اڪثر ثقافتي سرگرمين جي ميزباني ڪري ٿو، جڏهن تہ اولهندو عمان گهڻوئي جديد ۽ شهر جو اقتصادي مرڪز آهي.[9]
تقریبن ٻه ملين سیاح سال 2014ع ۾ عمان پهتا، جيڪي ان شهر کي دنيا جو 93ھون ۽ عرب دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ گُهميو ويندڙ شهر بڻائي ٿو.[10] عمان جي معيشت هڪ نسبتن تيزي سان وَڌَندَڙَ معيشت آهي[11] ۽ عالمي شهر جي انڊيڪس ۾ ان کي بيٽا شهر جو درجو ڏنو ويو آهي.[12] ان کان سواءِ ان کي اقتصادي، مزدور، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي عنصرن مطابق مڊل ايسٽ ۽ اتر آفريڪا جي ڀَلَن شهرن منجهان هڪ جو درجو حاصل آهي.[13] هي شهر عرب دنيا ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشننز جي قيام لاءِ دوحا سان گڏ مقبول ترين ماڳن منجهان آهي ۽ ان معاملي ۾ هي رُڳو دبئي کان پُٺتي پيل آهي. اهو سمجهيو وڃِي ٿو تہ اِيندڙ 10 سالن ۾ هي ٽِي شهري علائقا ملٽي نيشنل ڪارپوريشنز جي گهڻي ئي سرگرمين جا مرڪز بڻجي ويندا.[14]
وڪيميڊيا العام ۾ عمان، اردن سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
Amman سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.