From Wikipedia, the free encyclopedia
ميون شاهه عنايت رضوي هن خاندان مان شاهه هاشم رضوي بکر مان لڏي نصرپور ۾ آيو، جتي سندس خاندان مان ڪيترائي بزرگ ٿيا. سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو وڏو معاصر ميون شاهه عنايت رضوي هن خاندان مان هو. سندس والد بزرگ جو نالو سيد نصر الدين هو. سنه 1120ھ ۽ 1025ھ جي وچ ڌاري وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي والد جي مرشد شاهه خير الدين جو مريد هو، ۽ ان جي زيارت لاءِ بار بار سکر ويندو هو. هي پهريون شاعر آهي، جنهن جي ڪلام ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق جو ذڪر به ملي ٿو. ان کان پوءِ هي پهريون شاعر آهي، جنهن جو ”مڪمل رسالو“ مليو آهي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو بيتن سان گڏ وايون به نظر اچن ٿيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سندس ننڍو معاصر هو. هڪ روايت موجب ٻنهي جي پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي هئي. اندازو آهي ته شاهه لطيف کانئس گهڻو ڪجهه پرايو. نموني طور شاهه عنايت رضوي جو ڪجهه شعر هيٺ ڏجي ٿو: سائر لهريون ريج وڻ، جيئن سي پکين پــَـکَ، وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳڻيندو ڪکَ، اونهون ڏيهه عظيم جو، پيتم تان نه پرَ کَ، تـــِـهان مٿي لک، آءٌ ڀال ڀلي جا ڀائنيان.
----
ميان! تون ميٽائيين، ڪئم ڏوهه ڪبير، الا، هن عاجز جا، سڀئي ڪٽ صغير، برڪت محمد مير، پار پهتا پهيڙا.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.