From Wikipedia, the free encyclopedia
سينٽ ڪٽس ۽ نيوس(انگريزي: Saint Kitts and Nevis ) جو سرڪاري نالو سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس جو وفاق آھي[3]. اھو ويسٽ انڊيز ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جيڪو ٻيٽن تي مشتمل آهي. ڌرتيءَ جي اولھندي اڌ گول ۾ پکيڙ ۽ آبادي ٻنھي جي لحاظ کان سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي[4]. ملڪ جي رياستي سربراھ برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ II آهي[4][5] ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ باستيئر شھر آھي جيڪو ملڪ جي سڀ کان وڏي ٻيٽ ڪٽس ۾ واقع آهي[4]. ننڍي ۾ ننڍو ٻيٽ نيوس اتان ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڏکڻ-اوڀر ۾ واقع آهي. برطانوي ڊپينڊنسي اينگويلا ماضي ۾ سينٽ ڪٽس ۽ نيوس جي اتحاد جو حصو ھئي ۽ ان وقت ان جو نالو سينٽ ڪرسٽوفر-نيوس-اينگويلا ھيو پر بعد ۾ اينگويلا ان اتحاد کان ڌار ٿي برطانيا جو سمنڊ پار علائقو بڻجي ويو. ھن ملڪ جي اتر-اوڀر ۾ سينٽ ايوسٽيٽيس، سابا، سينٽ بارٿيليمي، سينٽ مارٽن ۽ اينگويلا جا ٻيٽ واقع آھن. اوڀر ۽ اتر-اوڀر ۾ اينٽيگوا ۽ باربوڊا، ڏکڻ-اوڀر ۾ ريڊونڊا ۽ مونٽي سيراٽ ٻيٽ واقع آھن. سينٽ ڪٽس ٻيٽ ۽ نيوس ٻيٽ انھن ٻيٽن ۾ شامل آهن جن کي سڀ کان اول يورپين آبادڪاري شروع ڪئي ھئي ان ڪري انھن کي ويسٽ انڊيز جي سڀني ڪالونين جي ماء جو لقب مليل آهي[6].
فيڊريشن آف سينٽ ڪرسٽوفر ۽ نيوس | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Country Above Self" | |||||
ترانو: "او خوبصورت سرزمين" شاھي ترانو: "خدا راڻي کي محفوظ رکي" | |||||
گادي جو هنڌ | باستيئر 17°18′N 62°44′W | ||||
دفتري ٻوليون | انگريزي | ||||
مقامي ٻولي | ڪريئول | ||||
نسلي گروھ (2001) |
| ||||
مقامي آبادي | ڪٽيٽيئن يا نيويسين | ||||
حڪومت | وفاقي پارليماني آئيني بادشاهت | ||||
• شاھي سربراھ |
ايلزبيٿ II | ||||
• گورنر جنرل |
سر ايس ڊبليو ٽيپلي سيٽان | ||||
• وزيراعظم |
ٽموٿي ھئرس | ||||
• قومي اسيمبلي جو اسپيڪر |
اينٿوني مخائيل پيرڪنس | ||||
مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
آزادي | |||||
• ايسوسيئيٽيڊ رياست جو درجو |
27 فيبروري 1967 | ||||
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان |
19 سيپٽمبر 1983 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
261 km2 (101 sq mi) (188th) | ||||
• پاڻي (%) |
Negligible | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
54,821[1] (209th) | ||||
• 2011 مردم شماري |
46,204 | ||||
• گھاٽائي |
164 /km2 (424.8 /sq mi) (64th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.758 billion | ||||
• في سيڪڙو |
$31,095[2] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2019 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$1.058 ارب ڊالر |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.