From Wikipedia, the free encyclopedia
سينائي اپٻيٽ(انگريزي: Sinai Peninsula) يا سينائي(انگريزي: Sinai) مصر جي ھڪ اپٻيٽ يا جزيره نما مقام آهي. اھو مصر جو ايشيا کنڊ ۾ واقع واحد حصو آهي. ان جي اتر ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ڳاڙھو سمنڊ آھي۽ ان کي ايشيا ۽ آفريڪا کي ڳنڍيندڙ پل بہ چوندا آهن. ھن اپٻيٽ جي پکيڙ 60000 ھزار چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي 14 لک تائين اٿس. انتظامي طور تي جي اپٻيٽ ٻن گورنريٽ تي مشتمل آهي: جيڪي سائوٿ سينائي گورنريٽ ۽ نارٿ سينائي گورنريٽ آھن. ٽي ٻيون گورنريٽ سوئيز ڪئنال تي مشتمل اٿس: سوئيز ڪئنال وارو ڏاکڻو علائقو جنھن کي سوئيز گورنريٽ چوندا آهن، سوئيز ڪئنال جو وچون علائقو جنھن کي اسماعيليہ گورنريٽ چوندا آهن، ۽ سوئيز ڪئنال جو اتريون علائقو جنھن کي پورٽ سعيد گورنريٽ چوندا آهن. ھي اپٻيٽ 3100 ق.م. کان مصر جو حصو رھيو آھي. ھي اپٻيٽ مصر ۾ سياحت جو مرڪز آھي. ھتي مشھور جبل سينا پڻ واقع آهي جنھن کي طور سينا يا جبل موسي به چوندا آهن چوندا آهن.
پکيڙ | 60,000 km 2(23,000 sq mi) |
---|---|
آبادي | 1,400,000 |
ملڪ | مصر |
لفظ سيناقديم چنڊ جي ديوتا جي نالي سين مان نڪتل آهي .[1] يا وري عبراني ٻولي جي لفظ سينيھ (Seneh) مان نڪتل آهي.[2]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.