هندستاني-پاڪستاني ناول نگار، ڊراما نويس ۽ ليکڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
سعادت حسن مَنٽو، (پيدائش- 11 مئي 1912ع، فوت- 18 جنوري 1955ع)، ليکڪ ۽ ڊراما نويس، لُڌيانيا، برٽش انڊيا ۾ پيدا ٿيو ۽ سرگرم رھيو. ھندوستان جي ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان اچي ويو.[2][3][4]
ن ا سعادت حسن منٽو Saadat Hasan Manto | |
---|---|
منٽو فوٽوگراف | |
مقامي ٻوليء ۾ نالو | سعادت حسن منٹو |
پيدائش | 11 مئي 1912 سمرالا, پنجاب, برٽش انڊيا |
وفات | 18 جنوري 1955 (عمر 42 سال) لاهور, پنجاب, پاڪستان |
قلمي نالو | منٽو |
ڌنڌو | ناول نگار، ڊراما نويس، مضمون نگار، اسڪرين رائٽر، ڪهاڻيڪار |
قوميت | انڊين (1912–1948) پاڪستاني (1948–1955) |
دور | 1934–1955 |
صنف | ڊراما، غير افسانوي، ٽوڪبازي، اسڪرين پلي، پرسنل ڪرسپانڊنس |
مُکيه ڪم | ٽوبا ٽيڪ سنگهه (افسانو); ٺنڊا گوشت; بو; کول دو; ڪالي شلوار; هٽڪ |
ايوارڊ | نشان امتياز اوارڊ (آرڊر آف ايڪسيلنس) 2012 ۾ (موت بعد) |
رشتيدار | مسعود پرويز (موت. 2001)[1] عابد حسن منٽو عائشه جلال |
سعادت حسن منٽو پنجاب جي ضلعي لُڌيانيا ۾ سمرالا جي ڳوٺ پاپرودي جي مسلمان وڪيل گهراڻي ۾ 11 مئي 1912ع تي پيدا ٿيو[5]. سندس ڪُٽنب وارا ڪشميري واپاري ھُيا جيڪي اوڻھين صديءَ جي شروعات ۾ امرتسر ۾ اچي آباد ٿيا ۽ قانون جو شعبو سنڀاليائون. ھن جو پيءُ خواجا غلام حسن مقامي عدالت جو سيشن جج ھُيو. سندس ماءُ جو تعلق پٺاڻ گهراڻي سان ھو، جيڪا ھن جي پيءَ جي ٻي گھرواري ھُئي[6]. نسلي طور ڪشميري ھُجڻ تي ھي فخر محسوس ڪندو ھو. پنڊت نھرو کي لکيل خط ۾ ھن لکيو ھو تہ "خوبصورت ھُجڻ بلڪل ايئن ئي آھي جيئن ڪشميري ھُجڻ."[7][8]
منٽو 26 اپريل 1939ع ۾ صفيہ بيگم سان شادي ڪئي[9]. سندن پھريون ٻار عارف ٻاروتڻ ۾ ئي اپريل 1941ع ۾ دھلي ۾ گُذاري ويو[10]. اُن کانپوءِ کين ٽي نياڻيون نگھت منٽو، نزھت منٽو ۽ نُصرت منٽو ٿيون.
منٽو افراتفريءَ جو روزنامچو لکندو رھيو جيڪو ھندوستان جي 1947ع ۾ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ غالب رھيو[11][12]. ھن ھندوستان جي ورھاڱي جي سخت مُخالفت ڪئي، جنھن کي ھن "بي انت سانحي" ۽ "بي حِس چريائپ" طور ڏٺو پئي[13].
ھن وڪٽر ھيوگو، آسڪر وائلڊ ۽ روسي ليکڪن جھڙوڪ چيخوو ۽ گورڪي جي ڪم کي ترجمي ڪرڻ سان پنھنجو ادبي پيشو شروع ڪيو. ھن جي پھرين ڪھاڻي "تماشا" ھُئي، جيڪا امرتسر ۾ ٿيل جليانوالا باغ واري قتل عام تي ٻَڌل ھُئي[14]. جيتوڻيڪ سندس شروعاتي ڪم سندس وقت جي ترقي پسند اديبن کان مُتاثر ٿي ڪيل ھو، جنھن ھن کي کاٻي ڌُر ۽ سوشلزم ڏانهن مائل طور ظاھر ڪيو. سندس پوءِ وارو ڪم آھستي آھستي انساني نفسيات جي اونداهين (جيئن ورھاڱي دوران انساني قدرن جي ٿيل تذليل کي) سختيءَ سان چِٽيندڙ طور ظاھر ٿيندو ويو.[15][16]
"ھڪ ليکڪ قلم فقط تڏھن ئي کڻي ٿو جڏھن ھن جي حساسيت کي ايذاءُ رَسي ٿو."[17]-- عدالت جي جج ڏانهن منٽو
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.