روون سباستين اٽڪنسن، سي بي اي (پيدائش: 6 جنوري 1955ع) هڪ انگريزي اداڪار، مسخرو (مذاقي، کلائيندڙ) ۽ منظرنگار آهي. سٽڪام، بليڪ ايڊر ۽ مسٽر بين ڊرامن کيس ڏاڍو مشهور بڻايو مزاحيا خاڪن جي هڪ ٽيليويزن شو ناٽ دي نائن او ڪلاڪ نيوز (1979ع-کان-1982ع تائين) ۽ وري 1979ع ۾ دي سيڪرٽ پوليس مينز با ۾ شرڪت ڪرڻ جي وسيلي روون کي مشهور بڻايو. هن جي ٻين ڪلاڪاري ڪمن ۾ بانڊ سلسلي جي فلم نيور سي نيور اگين ۽ سٽ ڪام دي ٿِن بليو لائن (سنهي نيري قطار) (1995ء-1996ء) شامل آهن.
Rowan Atkinson CBE | |||
---|---|---|---|
سال 2011 ۾ اٽڪنسن | |||
جنم نالو | روون سباسٽين اٽڪنسن | ||
پيدائشي | جنوري 1955 (عمر 69 سال) ڪونسيٽ، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ | ||
Medium | اسٽينڊاپ ڪاميڊي، ٽيليويزن (ڏور ڏسڻي)، فلم | ||
مادرعلمي | نيوڪيسل يونيورسٽي دي ڪوئينز ڪاليج، آڪسفورڊ | ||
سرگرمي سالَ | 1978–تاحال | ||
Genres | جسماني مزاح، ڪاري مزاح، طنز | ||
زال يا مڙس | سنيترا سيستري (ش. 1990; ط. 2015) | ||
ڀائيوار | لوئس فورڊ (2014–هيئنرتائين)[1] | ||
ٻار ٻچا | 3 | ||
مائٽ | روڊني اٽڪنسن (سڳو ڀاءُ) | ||
صحيح (دستخط) | |||
کيس دي آبزرور اخبار برطانوي مزاح جي 50 مزاحيا اداڪارن ۾ ڳڻيو آهي، جڏهن تہ 2005 ۾ هڪ راءِ شماري (سروي) ۾ هي سموري دنيا جي سرفهرست 50 مزاح نگارن منجهان هڪ قرار ڏنو ويو. مسٽر بين جي فلمي تشڪيل بين ۽ مسٽر بينز هاليڊي (مسٽر بين جي موڪل جو ڏينهن)، ۽ ان سميت جوني انگلش (2003) ۽ جوني انگلش ريبورن (2011 فلم) پڻ وڏي پردي (بگ اسڪرين) تي سندس ڪاميابين ۾ ڳڻي ويندي آهي.
اٽڪنسن، چار ڀائرن ۾ سڀني کان گهٽ ڄمار(عمر ۾ ننڍو) آهي. هي Consett، ڪائونٽي ڊرهم، انگلينڊ ۾ 6 جنوري 1955 تي پيدا ٿيو.[3][4][5][6]
هن جو پيءُ ايرڪ اٽڪنسن هڪ هاري ۽ ڪمپني جو ڊائريڪٽر هيو. هن ايلامي سان جون 29، 1945 تي پرڻو (شادي) ڪيو.[6] هن جا ٽي وڏا ڀائر پال (جنهن جو کيرپيئڻ واري ڄمار ۾ موت ٿي ويو)، راڊني، (هڪ Eurosceptic ماهر اقتصاديات جيڪو 2000 ۾ برطانيا آزادي پارٽي جي اڳواڻي واريون چُونڊون هارجي ويو هيو)، ۽ روپرٽ آهن.[7][8]
اٽڪنسن انگليڪان خاندان[9] ۾ نپيو وڏو ٿيو، شروعاتي تعليم ڊرهم ڪوريسٽرز اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، جڏهن تہ پوءِ سينٽ بيز اسڪول، ۽ نيوڪيسل يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي، جتان هن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ سند (ڊگري) حاصل ڪئي.[10] 1975 ۾ هِن اليڪٽريڪل انجينئري ۾ ايم ايس سي (MSc) جي سَندَ (ڊگري) جي لاءِ ڪوئنز ڪاليج، آڪسفورڊ ۾ داخلا ورتي. هي ساڳيو تعليمي ادارو آهي جتي هن جي پيءُ سال 1935 ۾ ميٽرڪ ڪئي هئي،[11] ۽ جنهن اٽڪنسن کي 2006 ۾ اعزازي فيلو بڻايو.[12]
آگسٽ 1976 ۾ ايڊنبرا فرنچ فيسٽيول جي موقعي تي اوڪسفرڊ ريوو ۾ هن ڏانهن پهريون ڀيرو قومي سطح تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪجي آيو.[10] تيستائين هي آوڪسفرڊ ۾ ڪيترن ئي ناٽڪ (شوز) جي لاءِ ابتدائي خاڪا لِکي ۽ پيش ڪري چُڪو هيو.
ريڊيو
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.