بيروت (Beirut عربي ٻولي: بيروت) لبنان جي راڄڌاني ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. سال 2014ع جي مطابق، گريٽر بيروت جي آبادي 25 لک (2.5 ملين) آهي،[3] جيڪا ان کي ليونٽ علائقي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ عرب دنيا ۾ تيرهون نمبر وڏو شهر بڻائي ٿي. هي شهر لبنان جي رومي (ڀونوچ) سمنڊ ڪناري جي وچ واري نقطي تي هڪ جزيره نما تي واقع آهي. بيروت 5,000 سالن کان وڌيڪ عرصي کان آباد آهي، دنيا جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي.

ترت ڄاڻ بيروتBeirut بيروت (عربی)Beyrouth (فرینچ), ملڪ ...
بيروت
Beirut

بيروت (عربی)
Beyrouth (فرینچ)
گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی
Thumb
بيروت زيتوني نار
Thumb
جھنڊو
Thumb
قومي نشان
عرفيت: اوڀر جو پيرس[1]
نعرو: Berytus Nutrix Legum (لاطيني)
بيروت، قانون جي ماءُ
ملڪ  لبنان
گورنريٽ بیروت
حڪومت
  گورنر مروان عبود
  ميئر عبدالله درويش
پکيڙ
  گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی 67 ڪ.م2 (26 ميل2)
آبادي (2017)[2]
  گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی ت. 433,249
بند ڪريو

بيروت لبنان جي حڪومت جي سيٽ آهي ۽ لبناني معيشت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڪيترا ئي بينڪ ۽ ڪارپوريشنن شهر ۾ ٻڌل آهي. بيروت ملڪ لاءِ هڪ اهم بندرگاهه آهي، ۽ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ پاران بيٽا+ ورلڊ سٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.[4] بيروت کي لبنان جي گهرو ويڙهه، 2006ع جي لبنان جنگ ۽ سال 2020ع ۾ بيروت جي بندرگاهه ۾ وڏي ڌماڪي سبب سخت نقصان پهتو. ان جي تعميراتي ۽ ڊيموگرافڪ ڍانچي ۾ تازو ڏهاڪن ۾ وڏي تبديلي آئي.[5] [6] [7] [8]

حوالا

Wikiwand - on

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.