ڏکڻ يورپ جو ھڪ مسلمان ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
بوسنيا ۽ ھرزگووينا (Bosnia- Herzegovina) مختصر طور تي (B&H) ۽ عام نالو "بوسنيا"، ھڪ ملڪ آھي جيڪو بلقان جزيري نما ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر سرائيوو آهي. مسلم اڪثريت وارو ھي يورپي ملڪ ڏکڻ بلقان وارن جبلن ۾ واقع 20 ھزار چورس ميلن جي پکيڙ وارو آهي. اتر ۾ ان جون سرحدون ڪيٿولڪ اڪثريت واري ملڪ ڪروشيا سان، اوڀر ۾ آرٿوڊڪس عيسائيت جي اڪثريت واري ملڪ سربيا، ڏکڻ ۾ آرٿوڊڪس اڪثريت واري ملڪ مونٽي نيگرو ۽ 15 ميلن تائين ان جي سرحد ايڊرياٽڪ سمنڊ سان پڻ ملي ٿي.[5]
بوسنيا ۽ ھرزگوينا Bosnia and Herzegovina Bosna i Hercegovina Босна и Херцеговина | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت بوسنيا ۽ ھرزگوينيا (سائو رنگ) يورپ ۾ (تيز ڀورو) | |||||
گادي جو هنڌ | سرائيوو | ||||
سڀ کان وڏو شهر | سرائيوو | ||||
دفتري ٻوليون | اڃان ڪابہ نہ | ||||
قومي ٻوليون | * بوسنيائي
| ||||
مقامي آبادي |
| ||||
حڪومت | وفاقي، پارلياماني
آئيني ريپبلڪ | ||||
• ھاء ريپرزنٽيٽو |
ويلنٽن انزڪو | ||||
• پريزيڊنسي جو چيئرمين |
باقر عزت بيگووچ | ||||
• پريزيڊنسي جا رڪن |
ملادن آئيونچ
دراگن ڪووچ | ||||
• وزيراعظم |
ڊينس زويزدڪچ | ||||
مقننه | پارليامينٽ | ||||
ھائوس آف پيپلز | |||||
ھائوس آف ريپرزنٽيٽوز | |||||
قيام | |||||
• بينيٽ آف بوسينيا |
c. 1154 | ||||
• بوسينيا جي بادشاھت |
c. 1377 | ||||
• خلافت عثمانيه بوسنيا فتح ڪيو |
c. 1463 | ||||
• آسٽروھنگري راڄ |
1878 | ||||
• آسٽرو ھنگري کان علحدگي |
29 آڪٽوبر 1918 | ||||
• يوگوسلاويا جو جنم |
4 ڊسمبر 1918 | ||||
• قومي ڏينھن |
25 نومبر 1943 | ||||
• سوشلسٽ يوگوسلاويا کان آزادي |
1 مارچ 1992 | ||||
• عمل ٿيو[1] |
6 اپريل 1992 | ||||
• بوسنيا جو آئين |
14 ڊسمبر 1995 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
51٬129 km2 (19٬741 sq mi) (125th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.4% | ||||
آبادي | |||||
• 2013 مردم شماري |
3,531,159[2] | ||||
• گھاٽائي |
68.97 /km2 (178.6 /sq mi) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$45.858 ارب ڊالر [3] | ||||
• في سيڪڙو |
$12,986[3] | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$18.560 ارب ڊالر [4] |
بوسينيا جي اتر وارو وڏو پاسو، "بوسنيا نديءَ" جي ڪري ان نالي سان منصوب ٿيو. ڏکڻ وارو پاسو ھرزگوينا جرمن ٻوليءَ جي لفظ "ھرزوگ" (herzog، معني: نواب يا ڊيوڪ) ۽ ٻيو پويون لفظ، "اووينا" (ovina؛ معني: زمين) سان نڪتل آهي. [6]
ھن ملڪ کي ستين صدي عيسويءَ ۾ سلاف نسل جي ماڻهن آباد ڪيو.[7][8] ٻارھين ۽ چوڏھين صديءَ دوران ھن ملڪ جي حيثيت ھڪ پرنسيپلٽي واري ھئي جنھن دؤر ۾ بلغاريه کان عيسائي ھتي اچي آباد ٿيا.
ٻارھين صدي جي ختم ٿيڻ وقت بوسنيا اتر مان ھنگري (ڪروٽ پڻ انھن ۾ شامل) کان ۽ اوڀر ۾ سربن کان آزادي حاصل ڪئي.[5] نئين بوسنيائي بادشاھت آرٿوڊڪس ۽ رومن ڪيٿولڪ ماڻھن ۾ ورھايل ھئي پر پوء ھڪ ٽيون عيسائي مذھبي گروھه اڀري آيو جنھن جو نالو بوگوملئزم ھيو جيڪو اصل ۾ مقدوينہ ۾ اڀريو ۽ ڏکڻ بلقان ۾ ڦھلجي ويو جنھن بوسنيا جي اندر داخل ٿي انھن ۾ قومي جذبو پيدا ڪيو ڇوته ايسٽرن آرٿوڊڪس بوسنيا ۾ بازنطيني اثر رکيو ۽ ڪيٿولڪ مذھب اتي ھنگري جو اثر پيدا ڪيو ۽ انھن جي ڀيٽ ۾ بوگوملئزم اتي بوسنيائي چرچ کي جنم ڏنو.[5]
1463 ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھو.[9] پندرھين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ترڪ فوجون ڏکڻ بلقان ۾ ڌوڪي آيون ۽ اسلام بوسنيا ۽ ھرزگوينه ۾ داخل ٿي ويو.[5] رومن ڪيٿولڪ حاڪمن بوگومل عقيدي وارن کي سختي ۽ زيادتين جو نشانو بڻايو ھيو جنھن ڪري انھن مسلمان ترڪن جو ساٿ ڏنو ۽ اھي مسلمانن جي گھڻو ويجھو رھيا ان ڪري جلدي مسلمان ٿي ويا.ا[5] عثماني خلافت ۾ سرائيوو ۾ پاشا يا گورنر مقرر ڪيو ويو جنھن پنھنجو صدرمقام سرائيوو ۾ ئي رکيو ۽ پوري علائقي کي اٺ سنجاقن (ضلعن) ۾ ورهايو ويو.[5] عثماني خلافت حنفي فقه سان لاڳاپيل ھئي ان ڪري بوسنيا ۾ حنفي فقه کي فروغ مليو. آڳتي ھلي بوسنيائي مسلمانن ۾ بہ عثماني خلافت کان آزادي جو جذبو پيدا ٿيو.[5] آسٽرو-ھنگروي رياست جي خلافت سان ٽڪراء جي نتيجي م خلافت کي اھو علائقو ڇڏڻو پيو پر بوسنيا پنهنجي آزادي ماڻي نہ سگھيو پر ھئبسبرگ جي حڪمراني ھيٺ اچي ويو.[5] 1463ع ۾ عثماني ترڪن بلغاريه فتح ڪيو تہ ماڻھو مسلمان ٿيڻ شروع ٿيا جن م وڏو تعداد عيسائين جو ھيو. ويھين صدي ۾ مسلمانن ھتي اڪثريت ۾ رھيا پر سربيا، نازين ۽ يوگوسلاويا جي ڪميونسٽن انھن کي اھڙي انتظامي نظام ۾ رکيو جنھن ۾ اھي اقليت ۾ رھندا آيا.ا[5]
1878ع ۾ ھي علائقو ڪانگريس آف برلن جي فيصلي تحت آسٽرو-ھنگروي جي حڪومت جي انتظام ۾ آيو. اھو فيصلو عثماني ترڪن قبول نه ڪيو. 1909ع ۾ آسٽريائي حڪومت مسلمانن ۾ رئيس العلماء جو ھڪ نئون عھدو قائم ڪيو.
پھرين جنگ عظيم کان پوء ھن ملڪ تي سربيا قبضو ڪيو.[5] ٻين جنگ عظيم ۾ سرب ۽ ڪروشيئن مسلمانن جو قتل عام ڪيو.[5] يوگوسلاويا جي وفاق ۾ مارڪسي ليڊر مارشل ٽيٽو (جوزف بروز) جي دؤر حڪومت ۾ مذھب دشمن پاليسين ذريعي مسجدون بند ڪيون ويون، ٻارن کي مذھبي تعليم منع ڪئي وئي، اسلامي استادن جي تربيت تي بہ بندش وڌي وئي.[5] ردعمل ۾ 1960ع واري ڏھاڪي ۾ اسلامي جاڳرتا بوسنيائي قومي جذبي سان شروع ٿيڻ لڳي ۽ سال 1991ع ۾ يوگوسلاويا جو وفاق ٽٽي ويو ۽ بوسنيا ۽ ھرزگوينا پنھنجي آزادي جو اعلان ڪري ڇڏيو پر بوسنيا جي اتر ۽اوڀر واري حصي ۾ رھندڙ سرب نئين رياست جي قيام جي مخالفت ڪري ڇڏي.[5]
19 فيبروري کان پھرين مارچ، 1992ع ۾ ھڪ ريفرينڊم ڪرايو ويو جيڪو آزاديءَ لاءِ ھيو جنھن ۾ 63 سيڪڙو ماڻھن حصو ورتو. بوسنيا جا سرب ريفرينڊم جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ووٽ ڏيڻ وارن جو 99 سيڪڙو آزادي جي حمايت ڪئي.[10] مارچ، 1992ع ۾ معاھدو عمل ۾ آيو ته مسلمان، سرب ۽ ڪروٽ ٽن حصن ۾ تقسيم ٿي بوسنيا جي مرڪزي ڪنٽرول ۾ رھن.[11] 5 اپريل، 1992ع ۾ بوسنيا آزادي جو اعلان ڪيو،[12] جنھن کي آمريڪا تسليم ڪيو جنھن بعد ٻن سرب ميمبرن بوسنيا جي مرڪزي حڪومت مان استعفي ڏني. جنھن کانپوءِ خانہ جنگي شروع ٿي وئي جنھن م مسلمانن جو وڏو نقصان ٿيو. 29 جون تي سڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلي تحت جن ۽ انساني جسمن جي نقصان کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جون فوجون داخل ٿي ويون ۽ سرائيوو تي گڏيل قومن جو ڪنٽرول ٿيو ۽ پوء گڏيل قومن 13 آگسٽ، 1992ع ۾ طاقت جي استعمال جو فيصلو ڪيو ۽ 10 جنوري، 1994ع ۾ ناٽو (NATO) جي الٽي ميٽم بعد بوسنيائي ۽ سرب فوجين کي شھرن مان ٻاھر ڪڍي جنگ بندي ڪرائي وئي. 1994ع ۾ مسلمانن ۽ ڪروٽن جي وچ ۾ ويڙھه شروع ٿي وئي. بوسنيا ھرزگوينا کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاء بوسنيائي صدر، عاليجاھه عزت بيگووچ (1925–2003ع) اعلان ڪيو ته نئون ملڪ اسلامي رياست ۾ تبديل نہ ڪيو ويندو ۽ عيسائي اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.[5] اھا گارنٽي بوسنيائي سربن کي پراڻي يوگوسلاويا جي فوج سان اتحاد کي ختم نہ ڪري سگھي ۽ ملڪ ۾ گھرو ويڙھه جي شروعات ٿي، جيڪا ھن علائقي ۾ سڀ کان خراب تجربو ثابت ٿيو.[5] بوسنيائي سرب فوجون بلغراد جي حڪومت جي کلي عام مدد سان نسل ڪشي واري پاليسي تي عمل ڪندي، بوسنيا ۾ بوسنيائي مسلمانن جو قتل عام شروع ڪيو. سڀ کان سنگين قتل عام 1995ع ۾ "سربرينيڪا" ۾ ٿيو جنھن ۾ ھزارين بوسنيائي ماڻهن کي ڪٺو ويو. [5] اھا جنگ ڊسمبر، 1995ع ۾ "ڊيٽن جي معاھدي" تي دستخط ڪرڻ سان ختم ٿي. ان معاهدي ۾ نئون آئين پڻ شامل ھيو، جنھن ۾ بوسنيائي، سرب ۽ ڪروٽن ٽنھي گروھن جي سياسي حقن کي تحفظ ڏنو ويو.[5] جنگ بعد انھن جنگي ڏوھن جي ڪري کوڙ سرب اڳواڻ جنگي ڏوھاري طور گرفتار ٿيا ھئا.[5]
بوسينيا ۽ ھرزگوينا پنھنجي خودمختياري جو اعلان آڪٽوبر 1991ع ۾ ڪيو ۽ کيس اڳوڻي يوگوسلاويا کان آزادي 3 مارچ، 1992ع ۾ ريفرنڊم ذريعي حاصل ٿيس، جنھن جو سرب واسي بائيڪاٽ ڪيو. بوسينيا م رھندڙ سرب، پاڙيسري ملڪن سربيا ۽ مونٽي نيگرو جي مدد سان ھٿيار بند مزاحمت شروع ڪئي. اھي نسلي تقسيم ذريعي "عظيم سربيا" جو حصو بڻجڻ چاھين پيا. مارچ، 1994ع ۾ بوسينيئن ۽ ڪروٽ پاڻ ۾ جنگ بندي ڪري معاھدي ذريعي بوسينيا ۽ ھرزگوينا جي نالي سان وفاق جوڙيو. 21 نومبر، 1995ع ۾ ڊيٽن (Dayton)، اوھايو (Ohio) ۾ جنگ ڪندڙ ڌرين ھڪ معاھدي ذريعي نسلي لڙائي جو خاتمو آندو ۽ 14 ڊسمبر، 1995ع تي پيرس ۾ ھڪ معاھدي تي دستخط ڪيا ويا. "ڊيٽن معاهدو" بوسينيا ۽ ھرزگوينا جون بين الاقوامي سرحدون بحال ڪيون ۽ گھڻ نسلي حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو.[13]
ڏکڻ اوڀر يورپ ۾ ھن ملڪ جو محل وقوع، °44 اتر ۽ °18 اوڀر ڦاڪ تي آهي. هن جي پکيڙ 51,197 چورس ڪلوميٽر آهي، جنھن ۾ 51,187 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 10 چورس ڪلوميٽر پاڻي آھي. پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ان جو نمبر 129هون آھي. ھن جي زميني سرحد 1,543 ڪلوميٽر ڊگهي آھي، جن مان ڪروشيا سان 956 ڪلوميٽر، مونٽي نيگرو سان 242 ڪلوميٽر ۽ سربيا سان 345 ڪلوميٽر جي آهن. سامونڊي سرحد 20 ڪلوميٽر اٿس. ھن جي سراسري اوچائي اڌ ڪلوميٽر يا 500 ميٽر آهي. سڀ کان ھيٺاھون مقام ايڊرياٽڪ سمند آھي ۽ سڀ کان اوچو "ميگلڪ جبل" آهي جنھن جي اوچائي 2,386 ميٽر آھي.[14]
ھن ملڪ جي قدرتي وسيلن ۾، ڪچو لوھه، ٽامو، شيھو، جست، ڪوبالٽ، جپسم، لوڻ، باڪسائيٽ، ڪوئلو، ڪرومائيٽ، مينگنيز، نڪل ۽ عمارتي ڪاٺ شامل آهن. ملڪ جو %42.2 زمين زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنھن مان وري %19.7 آبپاشي واري آھي، جنھن جو 2 سيڪڙو تي مستقل پوکون ٿينديو آهن. %20.5 تي چراگاھون آھن ۽ 42.8 سيڪڙي زمين تي ٻيلا اٿس.
بوسينيا جي خريداري جي طاقت سان برابري (PPP) واري جي ڊي پي (GDP) سال 2017ع ۾ 43.85 ارب آمريڪي ڊالر، آفيشل ايڪسچينج ريٽ مطابق جي ڊي پي 17.46 ارب آمريڪي ڊالر ۽ جي ڊي پي واڌ واري شرح 2017ع ۾ 2.5 سيڪڙو ھئي. ساڳي سال في ڪس جي ڊي پي شرح 11,400 آمريڪي ڊالر في ماڻهو ھيو. ھتان جي ليبر فورس 15 لک کان وڌيڪ تي مشتمل آھي. سال 2017ع ۾ افراط زر 1.8 سيڪڙو ھئي ۽ ايڪسپورٽ 4.803 ارب آمريڪي ڊالر جي ھئي. ملڪ جي بجلي جي پيداوار 14.97 ارب ڪلوواٽ آهي.[15]
پارليامينٽري ريپلڪ جي ھن وفاق جو گاديءَ جو هنڌ سرائيوو آھي. ھي ملڪ ٽن انتظامي حصن ۾ ورهايو ويو آهي؛ براڪو (Brcko)، فيڊريشن آف بوسينيا اينڊ ھرزگوينا ۽ ريپبلڪ آف سرپسڪا (Srpska). ھتان جو قومي ڏينھن پھرين مارچ، 1992ع آھي، جيڪو ان جو يوم آزادي آھي. موجودہ آئين 14 ڊسمبر، 1995ع ۾ ٺھيو، جيڪو "ڊيٽن امن معاهدي" جو نتيجو ھو. ملڪ جي صدر کي ھتي پريزيڊنسي جو چيئرمين چون ٿا ۽ ھن وقت ان عھدي تي "باقر عزت بيگووچ" 17 مارچ، 2018ع کان فائز آھي.[16]
سياسي جماعتن مان ھتي پارٽي آف ڊيموڪريٽڪ ايڪشن اقتدار ۾ آھي، جنھن جو سربراھه، باقر عزت بيگووچ آهي. ھتي 80 سيڪڙو مرد ۽ 70 سيڪڙو عورتون تعليم يافتہ آھن. ھن ملڪ م ڪل 109 ضلعا آهن. فوج جي سگھه ۾ 92,000 جوان ۽ آفيسر آھن. ملڪ ۾ 28 ايئرپورٽ آھن، جن مان 24 استعمال جي قابل آهن. روڊن جي ماپ 21,168 ڪلوميٽر آهي. 9 براڊ ڪاسٽ اسٽيشن ۽ 6 ٽي وي اسٽيشن آھن. وڏن شھرن ۾ سرائيوو، بانجالوڪا ۽ زيسلڪا شامل آهن. ڪرنسي دينار اٿس. ھي گڏيل قومن جي اداري، غير وابسته تحريڪ، انٽرپول، انٽرنيشنل سول ايوي ايشن، انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن ۽ گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جو رڪن آهي.
ھتان جي آبادي جولائي، 2017ع ۾ 38,56,181 ھئي ۽ ان حساب سان دنيا ۾ ھن جو نمبر 128 آھي. ھتي رھندڙ ماڻھو بوسينيائي، ھرزگوينائي سڏبا آهن. انھن ۾ 50.1 سيڪڙو بوسينيائي، 30.8 سيڪڙو سرب، 15.4 سيڪڙو ڪروٽ آھن. ھن ملڪ جون سرڪاري ٻوليون بوسينيائي، ڪروشيائي ۽ سرب آھن. ھن ملڪ جا ماڻهو 50.7 سيڪڙو مسلمان، 30.7 سيڪڙو آرٿوڊڪس عيسائي، 15.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عيسائي، 0.8 سيڪڙو لامذهب ۽ 0.3 سيڪڙو اگناسٽڪ آھن. مقامي آباديءَ جي واڌ جي شرح سال 2017ع ۾ 0.16 سيڪڙو، ڄم جي شرح 8.8 ۽ موت جي شرح 10 سيڪڙو ھئي. 40.1 سيڪڙو آبادي شھرن ۾ رھندڙ آھي. طبي سھولتن ۾ اسپتال جا 3.5 بسترا في ھزار ماڻھن لاءِ بندوبست ۾ آھن. 1.8 ڊاڪٽر في ھزار ماڻھن لاءِ مقرر آھن. جي ڊي پي جو 9.6 سيڪڙو صحت تي خرچ ٿيندو آهي.[17] ھن ملڪ ۾ ٽي گروھن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ بوسنيائي يا بوسنيڪ جيڪي اڪثر مسلمان ۽ ڪل آبادي جو 48 سيڪڙو آھن، ٻيو گروھه سرب آھن جيڪي 14.3 سيڪڙو آھن ۽ ٽيون گروھه ڪروئيشيائي ماڻھن جو آهي. ملڪ جا 51 سيڪڙو ماڻھو مسلمان، 31 سيڪڙو آرٿوڊڪس عيسائي ۽ 15 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ عيسائي آھن.[5]
بوسنيا ۽ ھرزگوينا ۾ مذھب (2013ع) | ||||
---|---|---|---|---|
سيڪڙو | ||||
اسلام | 51% | |||
سربيائي آرٿوڊوڪس عيسائيت | 31% | |||
ڪيٿولڪ عيسائيت | 15% | |||
ٻيا/ڪوبہ نہ/بيان نہ ڪيل | 3% |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.