بلگورود اوبلاست
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
بيلگراڊ آبلاسٽ (انگريزي: Belgorod Oblast) روس جي ھڪ آبلاسٽ يا صوبو جنھن کي روسي آئين ۾ روس جي وفاقي رعيت جو نالو ڏنل آهي. ان جي گادي جو هنڌ بيلگراڊ شھر آھي. ان آبلاسٽ جي آبادي 2010 ۾ 1,532,526 ھئي[7]. اھا آبلاسٽ روس جي مرڪزي ڪاري زمين واري معاشي ريجن جو حصو آهي. ان جون حدون ڏکڻ ۽ اولھ ۾ يوڪرين سان، اتر ۽ اتر اولھ ۾ ڪرسڪ آبلاسٽ سان ۽ اوڀر ۾ وورنيش آبلاسٽ سان ملن ٿيون. ھن آبلاسٽ جي حدن جي ڪل ڊيگھ 1٬150 ڪلوميٽر (710 mi) آهي جنھن مان 540 ڪلوميٽر (340 mi) يوڪرين سان ملي ٿي. آبلاسٽ جي ڪل پکيڙ 27٬100 ڪلوميٽرزچورس (10٬500 sq mi) آهي. اتر کان ڏکڻ طرف ان جي ويڪر 190 ڪلوميٽر (120 mi) ۽ اوڀر کان اولھ طرف ويڪر 270 ڪلوميٽر (170 mi) آھي.
روس جي ڪچي فولاد جا 40 سيڪڙو ذخيرا ھن آبلاسٽ ۾ واقع آھن. ان کان سواءِ ھتي باڪسائيٽ پڻ ملي ٿو
بيلگراڊ آبلاسٽ | |||
---|---|---|---|
آبلاسٽ | |||
Belgorod Oblast | |||
| |||
جاگرافي بيهڪ: 50°46′N 37°27′E | |||
ملڪ | روس | ||
وفاقي ضلعو | مرڪزي[1] | ||
معاشي ريجن | ڪاري زمين واري ريجن[2] | ||
قيام | 6 جنوري 1954[3] | ||
گادي جو هنڌ | بيلگراڊ | ||
حڪومت | |||
• مجلس | آبلاسٽ ڊوما[4] | ||
• گورنر[4] | وياچسلاف گليڊڪاف[5] | ||
پکيڙ[6] | |||
• ڪل | 27,100 ڪ.م2 (10,500 ميل2) | ||
پکيڙ ۾ درجو | 67th | ||
آبادي (2010 جي آدمشماري)[7] | |||
• ڪاٿو
2018 [8] |
1,549,876 (+1.1%) |
ھن آبلاسٽ جي زمين جو ھڪ سيڪڙو ندين، ڍنڍن ۽ دلدل تي مشتمل آهي. ھتي 480 کان مٿي ننڍڙيون نديون ۽ چشما وھندڙ آھن. ندين جي ڪل ڊيگھ 5000 ڪ م آهي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.