کائڻ لائق ٻج From Wikipedia, the free encyclopedia
اکروٽ جو وڻ اتر هندستان جي ٽَڪرن تي عام ٿئي ٿو ۽ گهڻي پيدائش ڪري ٿو. ٻئي هنڌ اوترو نه ٿو ٿئي. وڻ ٻج پوکڻ سان وڌائيندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي ٻن ٽن فوٽن تائين وڌي پوءِ ورهين تائين اتي بيهي ويندا آهن ۽ نيٺ سڙي ويندا آهن. پر اهو اکروٽ اصل ٻاهر جو آيل آهي.
جيڪي سچا پچا ڏيهي اکروٽ آهن اهي ججهو ڦر ڪن ٿا، پر اهو عمدي قسم جو ناهي. ان جو وڻ به پوري پني قد جو ٿئي ٿو پن به گول ٿينس ٿا ۽ ڦر به گول ٿئيس ٿو. اهو مارچ مهيني ۾ ٻور ڪندو آهي ۽ ننڍن اڇن گلن جا ڇڳا جهليندو آهي. جولاءِ مهيني جي آخر ۾ ميوو پچندو اٿس. مينهن جي موسم ۾ اکروٽن پوکڻ سان ٻيا وڻ پيدا ڪري سگهجن ٿا. اکروٽ کي انگريزيءَ ۾ وال نَٽ چون ٿا.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.