اڏوھي : اڏھي:ديمڪ: سرو: وائيٽ آنٽ:
ترت ڄاڻ سائنسي درجا بندي, Families ...
اڏوھيTemporal range: 251–0 Ma
PreЄ
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(129,170,114); left:
اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:
اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">
Є
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,169,138); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">O
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(166,223,197); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">S
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(221,150,81); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">D
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(63,174,173); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">C
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(247,88,60); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">P
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(153,78,150); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">T
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(0,187,231); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">J
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(111,200,107); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">K
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,161,99); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">Pg
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:rgb(254,221,45); left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل. px;">N
Early Triassic – Recent
Formosan subterranean termite (Coptotermes formosanus ) Soldiers (red-coloured heads) Workers (pale-coloured heads)
سائنسي درجا بندي
Families
Cratomastotermitidae
Mastotermitidae
Termopsidae
Archotermopsidae
Hodotermitidae
Stolotermitidae
Kalotermitidae
Archeorhinotermitidae
Stylotermitidae
Rhinotermitidae
Serritermitidae
Termitidae
بند ڪريو
مزدور اڏوھي جي تصوير
اُڏوهي (انگريزي ٻولي : White ant ) ھڪ قسم جو جيت آهي، جيڪو قد بت ۾ ماڪوڙيءَ جيترو ٿئي، پر ماڪوڙيءَ کان مختلف ٿيندو آهي. اڇي ۽ ڀُوري رنگ جو هيءُ جيت زمين ۾ ٻِرُ ٺاهيندو آهي. سُڪل ڪاٺي هن جيت جو دل پسند کاڌو آهي. ان کان سواءِ ڪتابن، ڪاغذن، ڪامِن، داسن ۽ ڇيڻن وغيره کي به اڏوهي چڱيءَ طرح لڳي ٿي. اُڏوهي ٻُوٽن، پوک ۽ خاص ڪري انبن جي وڻن کي سخت نقصان پهچائيندي آهي. اُڏوهي پنهنجو گهر عجيب طريقي سان ٺاهيندي آهي. هيءُ جيت زمين ۾ ڪئين گهر ٺاهي، لکن جي تعداد ۾ ٽولين جي شڪل ۾ ڪالونيون ٺاهي رهي ٿو. اُڏوهي جيستائين ٻاهر نه ايندي، تيستائين سندس بستيءَ جي خبر نه پوندي. ڀتين ۽ ڇتين ۾ به مٽيءَ جي ناليءَ وانگر يڪو گهر ٺاهيندي آهي.
هن جيت کي پَرَ ڪو نه ٿيندا آهن. پرن وارا نر ۽ راڻيون (مادي اڏوهيون) فقط مينهن جي موسم ۾ گهرن کان ٻاهر اُڏامنديون نظر اينديون. اُڏامندي سندن پَرَ ڇڻي پوندا آهن، تنهنڪري آسانيءَ سان ٻين جيتن جو کاڄ ٿي وينديون آهن. هن جيت جو دشمن تتر (پکي) آهي، جيڪو ان کي چاهه سان کائيندو آهي.[1]
ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين . </ref اڏوھيءَ جا جيوڙا ننڍين ڪالونين جي صورت ۾ زمين اندر يا سڪل ڪاٺ ۾ گھر ٺاھي رھندا آھن. ڪاٺ ۽ ڪاغذ وغيره انھن جو پسنديدھ کاڄ اھي ۽ اڏوھي اھڙي قسم جي شين کي تمام گھڻو شوق سان کائي تباھھ ڪري ڇڏيندي آھي. اھا گرم (Tropical) ۽ نيم گرم (Sub-tropical) ملڪن ۾ گھڻي انداز ۾ ٿيندي آھي. اڏوھيءَ جي جيوڙن جي عادتن جي لحاظ کان انھن کي ٻن قسمن ۾ ورھائي سگھجي ٿو، ھڪ سڪل ڪاٺ واريون (Dry Wood or Non-subterranean) اڏوھيون ۽ ٻيون زمين واريون (Subterranean) اڏوھيون. سڪل ڪاٺ واريون يا Non-subterranean قسم جي اڏوھي گھڻو ڪري سامونڊي علائقن ۾ سڪل ڪاٺ اندر پنھنجيون ڪوٺيون ٺاھي رھندي آھي ۽ انھيءَ جي زمين سان ڪو تعلق نھ رھندو آھي. زمين واري اڏوھي (Subterranean Termite) اسان جي ملڪ ۾ اڪثر ڪري سڀني حصن تي موجود رھي ٿي، جيڪا زمين اندر انھيءَ جي مٿاڇري تي ۽ انھيءَ کان علاوه ڪاٺ جي موزون حصن ۽ زمين تي رکيل ڪاٺ ۾ پنھنجا گھر ٺاھي، انھن کي کائي تباھھ ڪري ڇڏي ٿي. اڏوھين جا اھي گھر ڪافي سالن تائين رھي سگھن ٿا ۽ اھي جڏھن بلڪل ٺھي راس ٿين ٿا، تڏھن انھيءَ ۾ ڪروڙن جي انداز ۾ اڏوھي پيدا ٿي وڃي ٿي. انگريزيءَ ۾ اڏوھيءَ کي Termite کان علاوه White ant پڻ چيو وڃي ٿو. گھر جي سڀني اسمن کي اڏوھيءَ جي لاءِ جيت مار دوائن کان علاوھ، ڪاٺ جي انھن حصن کي ديوارن ۾ جڪڙيو ويندو آھي، تھ انھن تي عليحدھ طرح سان ڏامر جو تھھ يا سولگنم تيل جو تھھ چاڙھڻ بھ ضروري سمجھيو ويندو آھي. اھڙن اسمن ۾ در، دريون، روشندان، ڪاٺ جا ڪٻٽ وغيره اچي وڃن ٿا ۽ انھن جي صرف اھڙين ٻاھرين سطحن (جھڙوڪ فريم) جي چوڌاري ھن قسم جو عمل ڪيو ويندو <ref>ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ، ڄامشورو
ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو