ايني بيسنت
From Wikipedia, the free encyclopedia
From Wikipedia, the free encyclopedia
مشهور ٿياسافسٽ ايني بيسنت (Annie Besant) آڪٽوبر 1847ع ڌاري لنڊن (انگلينڊ) ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو ”پيچ وُڊ“ ۽ ماءُ جو نالو ”ايميلي“ هو.
1867ع ۾ هڪ ڪرسچن پادري ”فرئنڪ بيسنت“ سان ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس وِهانءُ ٿيو، جنهن مان کيس ٻه پٽ ٿيا، پر ذهني هم آهنگي نه ٿيڻ سبب ڇهن سالن جي عرصي ۾ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا. پادري ڪٽر خيال هو ۽ ايني بيسنت آزاد خيال هئي. ايني بيسنت انگلينڊ، فرانس ۽ جرمنيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن مڙس کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ٻارن جي تربيت لاءِ مزدوري ڪري وقت گذاريو ۽ ايئن کيس مزدور طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ٿيو. 1874ع ڌاري هن جي انگلينڊ جي نامور اڳواڻ ۽ پارليامينٽ جي ميمبر چارلس براڊلا سان ملاقات ٿي ۽ هوءَ سندس اخبار ”نيشنل رفارمر“ جي ڪيترو وقت اسسٽنٽ ايڊيٽر به ٿي رهي. هن ساڻس گڏجي ٽريڊ يونين سرگرمين ۾ حصو ورتو. مسٽر براڊلا ۽ ايني بيسنت مظلومن جا حامي هئا، ان ڪري اقتدار جا ڌڻي سندن قلم ۽ تقريرن کان ڪؤ کائيندا هئا. ان ئي زماني ۾ هنن ٻنهي گڏجي ”برٿ ڪنٽرول“ (ڄم روڪ) بابت هڪ ڪتابڙو لکيو، جنهن انگلينڊ جهڙي قدامت پسند ملڪ ۾ ٻڙڌول مچائي ڇڏيو. مٿن ڪيس هليو ۽ کين هڪ سال سزا ملي، پر پوءِ اپيل تي آزاد ٿيا. ايني بيسنت بنيادي طرح سوشلسٽ خيال هئي، جڏهن ته مسٽر براڊلا سوشلزم کي شخصي آزاديءَ لاءِ ڇيهي ڪار سمجهيو ٿي، -ان- ڪري سندن اختلاف ٿي پيا. ايني بيسنت سوشل خيال ”فيبن سوسائٽي“ ۾ 14 سال ڪم ڪيو ۽ سوشلزم جي حمايت ۾ ڪيترا رسالا ڪڍيا، هن ئي پارٽيءَ اڳتي هلي ”ليبر پارٽيءَ“ کي جنم ڏنو.
ايني بيسنت 2 مئي 1889ع تي مئڊم بلئوٽسڪيءَ جي ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جي ميمبر رهي. سوسائٽيءَ جي خواهش تي 16 نومبر 1893ع تي ٽيو ٽيڪورن (مدراس) ۽ -ان- کانپوءِ 15 مارچ 1894ع تي ممبئيءَ پهچي هندستان ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ لاءِ ڪم شروع ڪيائين. هوءَ غير معمولي صلاحيت جي مالڪ ۽ بهترين مقرر هئي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، -جواهر لعل نهرو- سندس تقريرن جو معترف هو ۽ مهاتما گانڌي سندس بي بها خدمتن جو قائل هو ۽ سڀاش چندر بوس کيس مشرق ۽ مغرب جو سنگم سمجهندو هو.
ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ڪرنل الڪاٽ جي وفات (17 فيبروري 1907ع) کان پوءِ ايني بيسنت دنيا جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر چونڊي وئي ۽ ان منصب تي وفات (20 سيپٽمبر 1933ع) تائين 26 سال ڪم ڪيائين. هن انڊين بواءِ اسڪائوٽ ايسوسيئيشن پڻ قائم ڪئي.
ايني بيسنت هفتيوار ”ڪامن ويلٿ“ سان گڏ ”مدراس اسٽينڊرڊ“ کي خريد ڪري ان جو نالو بدلائي روزاني اخبار ”نيو انڊيا“ جاري ڪئي. هن 1917ع ۾ هوم رول تحريڪ هلائي، جنهن دوران نظربندي ۾ رهي. هوءَ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ميمبر پڻ رهي ۽ هندستان جي مکيه سياسي، سماجي ۽ تعليمي تحريڪن جي رهبر رهي.
ايني بيسنت ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر هئڻ دوران سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم -تان- ”نيشنل ايجوڪيشن موومينٽ“ شروع ڪئي، جنهن جو مقصد هندستان جي سماجي ۽ تعليمي -ترقي- هئي. ان تحريڪ نيشنل ايجوڪيشنل ٽرسٽ قائم ڪري تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيئن ته سوسائٽيءَ جو هيڊ ڪوارٽر مدراس ۾ هو، -ان- ڪري هن اتي ”مدن -پالي- ڪاليج“ قائم ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سينٽرل هندو يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ٿيو. هن ٽرسٽ مختصر عرصي ۾ -بنارس- گرلس ڪاليج، ڪانپور هاءِ اسڪول، بانڪيپور هاءِ اسڪول، گورکپور هاءِ اسڪول، ڀاون نگر هاءِ اسڪول ۽ ٻيا 19 تعليمي ادارا قائم ڪيا.
ايني بيسنت جو سنڌ جي تعليمي ترقيءَ ۾ تمام اڳڀرو ڪردار آهي. موجوده گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد (سنڌ نيشنل ڪاليج) جو قيام ان جو مثال آهي. هن ڪاليج لاءِ حيدرآباد جي دانوير شخص پرتاب راءِ سنگهه پنهنجي زمين ”ڪاري ڦڙدي“ (ڪاري موريءَ) ڀرسان ڏني ۽ سنڌ جي اهم ٿياسافسٽ عالمن ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ديوان هيرانند سنتو ڪرام، ديوان سندر داس منگهارام وڪيل، جهمٽ مل جگتياڻي ۽ ڏيارام گدومل جي مدد سان هي ڪاليج قائم ٿيو. جڏهن سيپٽمبر 1917ع ۾ -ايني بيسنت- حيدرآباد سنڌ ۾ آئي ته مٿين ٿياسافسٽ عالمن سان گڏجي هن موجوده ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ڀرسان بيسنت لاج يا بيسنت هال جو بنياد رکيو. ان موقعي تي ديوان بولچند جي گهر ۾ مٿئين ڪاليج لاءِ رٿا جڙي ۽ ايني بيسنت پهرين -آڪٽوبر- 1917ع تي پنهنجي 70 هين سالگرهه تي هن ڪاليج جو پنهنجي هٿن سان بنياد رکيو ۽ -ان- جو نالو ”سنڌ نيشنل ڪاليج“ تجويز ڪيو ويو. هن ڪاليج جي استادن ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي به شامل رهيا آهن.
ايني بيسنت هندو ڌرم جو به وسيع مطالعو ڪيو ۽ ڀڳوت گيتا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هئائين. هن جون ڪيتريون يادگار تصنيفون آهن. پاڻ 20 سيپٽمبر 1933ع تي لاڏاڻو ڪيائين. سندس ميت کي هندومت جي رسمن موجب اديار (مدراس) ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.