اونھاروانگريزي ٻولي: Summer هڪ موسم جو نالو آهي.هن موسم ۾ ڏينهن وڏا ٿيندا آهن ۽ راتيون ننڍيون۔ گرمي پد وڌيڪ هوندو آهي۔ سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن 21 جون هن موسم ۾ ٿيندو آهي.شمسي سال جي حساب سان اپريل جو اڌ، مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جو اڌ، اونهاري جا مهينا ليکيا ويندا آهن.[1] سال جي چئن ٽيمپريٽ مندن منجهاران ھڪ مند جو نالو جيڪا سڀ کان وڌيڪَ گرم ھوندي آھي ۽ بھار کانپوءِ شروع ٿيندي آهي ۽ جنهن کانپوءِ سرء جي مند شروع ٿيندي آهي. اونهاري ۾ ڏينھن وڏا ۽ راتيون ننڍيون ٿينديون آهن. تاريخ 21 جون ھن مند جو وچ ھوندو آھي .[2]موسمياتي ڄاڻ پٽاندڙ ھيءَ مند خط استوا جي اتر واري اڌ گول ۾ جون، جولائي ۽ آگسٽ ۾ ٿيندي آهي ۽ ڏکڻ واري ڌرتي جي اڌ گول ۾ ڊسمبر، جنوري ۽ فبروري ۾ ٿيندي آهي.[3][4] موسمياتي علمن پٽاندڙ سموريون مندون ڪيلينڊر جي مھيني جي پھرين تاريخ تي شروع ٿينديون آهن ۽ آخري تاريخ تي ختم ٿينديون آهن. [3]
Wikiwand in your browser!
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.