انڊورا
مغربي يورپ ۾ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
مغربي يورپ ۾ ملڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
انڊورا (انگريزي: Andorra) جنھن جو سرڪاري نالو انڊورا جي پرنسپلٽي آهي آئبيرين اپٻيٽ جو خشڪي سان گھيريل ھڪ خودمختيار ننڍڙو ملڪ آهي جيڪو اسپين ۽ فرانس جي سرحد تي واقع آھي. ان جي اتر م فرانس ۽ ڏکڻ ۾ اسپين واقع آهي. ھي ملڪ پکيڙ ۾ يورپ جو ڇھون نمبر ۽ دنيا جو 16ھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي جنھن جي پکيڙ 468 ڪلوميٽرزچورس (181 sq mi) آھي. ھتان جا ماڻھو ڪيٽلان واري اطالوي نسل جا آھن.[6] آبادي م وري دنيا جو يارھون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.[7] ان جو گاديءَ جو هنڌ اينڊورا لاويلا آهي جيڪو يورپ جو بلند ترين گاديءَ جو هنڌ آهي جنھن جي سمنڊ جي سطح کان بلندي 1٬023 ميٽر (3٬356 فٽ) آهي. [8] ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪيٽلان ٻولي آھي.
پرنسپلٽي آف اينڊورا Principat d'Andorra (ڪيٽلونيائي)a | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
'ترانو: El Gran Carlemany (ڪيٽلونيائي) "عظيم شارليمن" | |||||
![]() | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ | اينڊورا لا ويلا 42°30′N 1°31′E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | گاديءَ جو هنڌ | ||||
دفتري ٻوليون | ڪيٽلانb | ||||
نسلي گروھ | 48.8% انڊورن يا انڊوريائي 25.1%اسپيني 12% پورچوگيزي 4.4% فرينچ 9.7% باقي ٻيا | ||||
مقامي آبادي | اينڊورن يا اينڊوريائي | ||||
حڪومت | وحداني پارلياماني چونڊيل بادشاھت | ||||
• اينڊورا جا گڏيل شھزادا |
جوئان اينرڪ وويز سسليا ايمونيئل ميڪرون | ||||
• گورنر جنرل |
جوزف ماريا مائري پيٽرڪ اسٽرزوڊا | ||||
• وزيراعظم |
زئويئر اسپوٽ زمورا | ||||
• سينڊڪ |
روزر سون پاسيوٽ | ||||
مقننه | اينڊورا جي جنرل ڪائونسل | ||||
قیام | |||||
• ايراگون کان |
8 سيپٽمبر 1278 [2][3] | ||||
• فرينچ ايمپائر کان |
1814 | ||||
• آئين |
2 فيبروري 1993 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
467.63 km2 (180.55 sq mi) (178th) | ||||
• پاڻي (%) |
0.26 (121.4 ھيڪٽر)c | ||||
آبادي | |||||
• 2019 اندازو |
سانچو:واڌ 76,177[4] | ||||
• گھاٽائي |
179.8 /km2 (465.7 /sq mi) (71st) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$3.237 ارب ڊالر [5] |
انھن جو بنياد شارليمن (فرينڪ بادشاھ چارلس I) وڌو. ھن ملڪ تي سال 988ع تائين ھتان جو حاڪم ڪائونٽ آف اورغيل ھيو جنھن بعد رومن ڪيٿولڪ انتظاميه جي حاڪميت م آيو. موجوده پرنسپلٽي 1278ع ۾ فوئڪس جي ڪائونٽ، اورغيل جي بشپ جي وچ م ٿيل معاھدي تحت وجود م آئي جنھن مطابق ان علائقي تي ٻٽي حاڪميت واري گڏيل بادشاھت جي شروعات ٿي جن م حاڪم ھڪ ئي وقت ٻہ شھزادا مڃيا ويا جن ۾ ھڪ شھزادو اسپين جي ڪيٽلانيا واري ڪيٿولڪ بشپ ۽ ٻيو فرانس جي حاڪم طرفان شھزادو شامل ھيا ۽ اھڙي طرح ٻٽي حاڪميت واري ٻن شھزادن وارو راڄ جاري آهي. سن سان گڏوگڏ ھتي اسپيني، پورچوگيزي ۽ فرينچ پڻ عام ڳالھائي وڃي ٿي.[9] ھن ملڪ جي معيشت جو وڏو حصو سياحت آهي. ھر سال ھتي ھڪ ڪروڙ کان مٿي سياح گھمڻ ايندا آهن.[10] ھي ملڪ يورپي يونين جو رڪن ملڪ ناھي پر پوء بہ ھتان جي سرڪاري ڪرنسي يورو آھي. ھن ملڪ 1993ع م گڏيل قومن جي رڪن ملڪ جو درجو حاصل ڪيو. [11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.