From Wikipedia, the free encyclopedia
الاهي بخش سومرو- خانداني سياستدان آهي، شڪارپور جي سومرا خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ جي پراڻي سياستدان حاجي مولابخش سومري جو پٽ ۽ احمد ميان سومري جو -ڀاءُ- آهي . اصل ۾ انجنيئر آهي . اين . اي . ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي . شهيد ذوالفقار -ڀٽي- جي حڪومت واري زماني ۾ ، -برطانيا- ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفير ٿي رهيو . جنرل ضياءُ -الحق- جي حڪومت واري زماني ۾ پهريون ڀيرو وفاقي وزير ٿيو . 1985ع جي چونڊن ۾ بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو . 29 مئي 1988ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُ -الحق- ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برطرف ڪري ، نگران ڪابينا ٺاهي ته -ان- ۾ کيس کي وفاقي وزيراطلاعات ۽ نشريات بنايو ويو . 1990ع ۾ ، ۽ پوءِ 1997ع ۾ مسلم ليگ جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو . قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ رهيو آهي.[1]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.