اديتي ڀاٽيا (انگريزي ٻولي: Aditi Bhatia) ڀارتي اداڪارِ ۽ ماڊل آهي. اسٽار پلس جي سيريئل يہ هين محبتين ۾ اديتي روحي ڀلا جو ڪردار نڀائيندي هئي. وواهہ، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا، سرگوشيان آپ ڪي، سندس اهم فلمون آهن. هن ڪيترن ئي سيرئيل پروگرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، جن ۾ يہ هين محبتين، جيڪو ڏاڍو مشهور آهي. چانس پہ ڊانس ۾ اديتي مشهور باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور سان گڏ ڪم ڪيو آهي، ۽ عمران خان جي فلم سرگوشيان ۾ فريدهہ جلال وغيرہ سان گڏ ڪم ڪيو اٿس.[1]

ترت ڄاڻ اديتي ڀاٽيا, سَرگَرمُ سالَ ...
اديتي ڀاٽيا
Thumb
سَرگَرمُ سالَ سال 2006–کان هينئر تائين
شھرت جو ڪارڻ یہ هين محبتين
بند ڪريو

جنم ۽ تعليم

اديتي ڀاٽيا 29 آڪٽوبر 1999 تي ڀارت جي مشهور شهر ممبئي، مهاراشٽرا م جنم ورتو هيو. اديتي جي ماءُ بينا ڀاٽيا ڪُرت جي لحاظ کان اُستادياڻي آهي.[2] [3] [4]۔ اديتي جي تعليم ٺاڪر پبلڪ اسڪول ۽ ٺاڪر ڪاليج آف سائنس اينڊ ڪامرس منجهان ٿيل آهي.[5] اديتي 2018 ۾ مهاراشٽرا اسٽيٽ بورڊ آف سيڪينڊري اينڊ هائر سيڪينڊري ايجوڪيشن منجهان ٻارنهين درجي جو امتحان سُٺن نمبرن سميت پاس ڪيو هيو.[6]

ڪيريئر

اديتي ڀاٽيا 2006 ۾ ٻار اداڪار (چائلڊ اِيڪٽر) طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ۽ ڪُجهہ اشتهارن ۾ پڻ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي فلمن ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي. وواهہ (انگريزي:Vivah)، شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا (انگريزي: Shootout at Lokhandwala)، دي ٽرين (انگريزي: The Train)، چانس پہ ڊانس (انگريزي: Chance Pe Dance) ۽ سرگوشيان (انگريزي: Sargoshiyan) نالي سان فلمن ۾ آديتي ڪم ڪيو آهي.[7] 2015 ۾ زي-ٽي جي تاشان عشق سيريئل ڀاٽيا ببلي تانيجا جو ڪردار نڀايو هيو. 2016 کان وٺِي 2019 تائين هن پاران اسٽار پلس جي ڊرامو يہ هين محبتين سيريئل ۾ روحي ڀلا جو ڪردار نڀايو هيو.ڀاٽيا ڪلرز ٽي وي جي سيريئل ڪاميڊي نائٽس بچاءٌ تازا (انگريزي: Comedy Nights Bachao Taaza) ۾ پڻ حصو ورتو هيو.[8] سال 2018 ۾ حقيقت تي ٻَڌل شو ڪاميڊي سرڪس (انگريزي: Comedy Circus) ۾ هن حصو ورتو هيو، ۽ سال ن2019 ۾ ڪلرز ٽي وي جي خطرہ خطرہ خطرہ ۾ پڻ نظر آئي هئي.[9]

فلمون

آديتي ڀاٽيا جون نمايان فلمون هن ريت آهن:[1]

وڌيڪ معلومات سال, فلم ...
سال فلم ڪردار
2007 شوٽ آئوٽ ايٽ لوکنڊوالا اي اي خان جي نياڻي (ڌيءَ)
دي ٽرين نڪي
2010 چانس پہ ڊانس شنايا
2017 سرگوشيان پايل
بند ڪريو

ٽيلي ويزن

اديتي ڀاٽيا جا ڪُجهہ ٽيلي ويزن پروگرام هيٺين ريت آهن:

وڌيڪ معلومات سال, سيريئل ...
سال سيريئل ڪردار چينل
2004 هوم سوئيٽ هوم ڪرشما زي سمي
2015 تاشان عشق ببلي تانيجا زي ٽي وي
2016–2019 يہ هين محبتتين روحي ڀلا اسٽار پلس
2016 'ڪاميڊي نائٽس بچاءُ تازا مخالف ڪلرز ٽي وي
2018 ڪاميڊي سرڪس سوني ٽي وي
2019 خطرہ خطرہ خطرہ ڀاتي (شريڪ) ڪلرز ٽي وي
بند ڪريو

حوالا

ٻاهريان ڳنڍڻا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.