![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f7/Ricinus_March_2010-1.jpg/640px-Ricinus_March_2010-1.jpg&w=640&q=50)
ھيرڻ
From Wikipedia, the free encyclopedia
هيرڻ (انگريزي: Castor plant)؛ اردو: ارنڈ) هن کي هندي ۾ ايرنڊي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪسٽر آئل پلانٽ يا پاماڪرسٽاءِ چون ٿا، ڪتابي نالو اٿس رائسينس. هي موچارو وڻ ٿو ٿئي؛ جتي ڪٿي پيدا ٿئي ٿو. پن ساوا وڏا ۽ سهڻا کهنبا گل ٿا ٿينس. باغ ۾ خالي پيل ٽڪر تي چڱو ٺهندو. ڪٿي ته ٻنين ۾ به پوکيندا آهن. هن جو ٻج وڏو ۽ سهڻو ٿو ٿئي، منجهانئس پيڙي تيل به ڪڍندا آهن. منجهس جلاب جو اثر رهي ٿو. اهو ٻج پوکڻ سان پيدا ٿيندو آهي.[1]
ھيرڻ | |
---|---|
![]() | |
Leaves and inflorescence (male flowers below female flowers) | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | Ricinus (plant) |
جنس: | Template:Taxonomy/Ricinus (plant){. communis |
حياتياتي نالو | |
Ricinus communis L. | |
ھيرڻ | |
---|---|
![]() | |
ھيرڻ جي ٻوٽي جا پن ۽ گل | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | ريڪينس (ٻوٽو) |
جنس: | Template:Taxonomy/ريڪينس (ٻوٽو){. ڪميونس |
حياتياتي نالو | |
ريڪينس ڪميونس ايل. | |
هيرڻ ٿر ۾ هڪ سائيدار درخت سمجهيو وڃي ٿي ۽ ان کي چاهه سان پوکي ان جي پرورش ڪئي وڃي ٿي. ٿر واري ڀاڱي ۾ ٻه- ٽي هيرڻ جا وڻ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن تڙ تي پوکيل نظر انداز ايندا آهن. جتي مسافر تڙ تان پاڻيءَ ڍڪ پي، انهن جا ڇانو ۾ گهڙي کن ساهي پٽيندا آهي. پارڪر واري ڀاڱي ڏي ته هيرن جي باقاعدي پوک ٿئي ٿي. ايرنڊن جي فصل مان اتي جا ماڻهو اٽڪل چار دفعا ايرنڊن جا ڏينا ڪڍن ٿا، پوءِ انهن کي سڪائي ڪٽي ڳاهي خرارن جي انداز ۾ هيرڻ جون ککيون ڪڍي گجرات سان واپار ڪن ٿا. ايرنڊن جي پوک مان پارڪرين کي نهايت سٺي پيدائش آهي. پارڪر جا ڪولهي ايرنڊن جي فصل جا ماهر ليکيا ويندا آهن.[2] سنڌ ۾ ايرنڊيءَ جي پوک ننگرپارڪر تعلقي ۾ وڌيڪ ٿيندي آهي. باقي سنڌ ۾ به هيرڻ جو وڻ نظر ايندو آهي. هيرڻ جو ٻج ڇڳن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هيرڻ جي ٻج جي کل کي مختلف مصنوعات، مثال طور؛ نائيلون، پلاسٽڪ، وارنش، مصنوعي چمڙي ۽ ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو.[3] هي ٻوٽو ٿر ۾ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ کوهن تي پوکيندا آهن. اُن کي پاڻيءَ جي ججهي ضرورت ٿيندي آهي ۽ شروع ۾ سنڀال ڪرڻي پوندي آهي. هڪ دفعو اُڀريو ته ٽي سال هلندو آهي، ان بعد سُڪي ويندو آهي. اُن جا پن وڏا، پنجن چهنبن وارا ٿيندا آهن. بدن ۾ ڪٿي به سور هجي ته مٿان پن ٻَڌڻ سان فائدو ٿيندو آهي. اُن جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڳاڙهيري رنگ جون ٿينديون آهن. اُن جي ڪاٺي پوچِي هئڻ ڪري ڪنهن به ڪم ڪو نه اچي. اُن جي ٽارين ۾ ڳاڙها گلن جا جهڳٽا ٿين، جن ۾ ڏينا ٿين، جن جي اندر داڻا هوندا آهن. پچڻ بعد ڏينا لاهي ڀڃي اندران داڻا ڪڍندا آهن، اُن کي ٿر ۾ ”ايرنڊا“ چون. انهن داڻن ۾ تيل ٿئي ٿو. ايرنڊن کي پيڙي تيل ڪڍبو آهي، جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. پارڪر ۾ هيرڻ جو فصل پوکيندا آهن. سموريون ٻنيون ساون هيرڻن سان ڀجر وينديون آهن، جي پريان ائين پيون ڏسبيون آهن جو ڄڻ ته وونئڻن جو فصل آهي. قد به وونئڻن جيڏو هوندو آهي. هن فصل مان ماڻهو پوکڻ بعد چار دفعا ڏينا ڪڍندا آهن. پوءِ کرن ۾ سڪائي ڪُٽي ڳاهي صفا ڪري گڏ ڪندا آهن، جي خرارن جي انداز ۾ ٿيندا آهن. سال بسال هزارين ماڻ ايرنڊا ٻاهر وڪري لاءِ ونيدا آهن، جن مان ججهي پيدائش ٿيندي آهي. پارڪر ۾ ٻانڀڻ ۽ ڪولهي خاص انهيءَ پوک جا ڄاڻو ۽ ماهر آهن[4].