گيس
مادي جي چار بنيادي حالتن مان ھڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
طبیعيات ۾ گيس یا فارغو (انگريزي؛ Gas) مادي جي اها حالت آهي، جنهن ۾ مادي جي ڪا خاص شڪل نه هوندي آهي ۽ ان جا ذرا يعني اُڻا (ائٽم) ۽ مالڪيولَ يا پرماڻا آزاداڻي حرڪت ڪن ٿا. مثال جي طور تي، هوا جنهن ٿانوءَ ۾ بند آهي، اها ان جي شڪل اختيار ڪري وٺي ٿي. نهري (سخت) ۽ پاڻياٺ جي ڀيٽ ۾ فارغو سولائي سان پکڙجي ۽ سُسي سگهي ٿي. ٿڌو ڪرڻ ۽ گهربل ٿڌ ڏيڻ سان فارغو کي ، پاڻيٺ ۽ نهري حالت ۾ بدلائي سگهجي ٿي. گئس کي سوگھو ڪرڻ لاء ھر پاسي کان بند ڪرڻو پوندو آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/6/6d/Translational_motion.gif)