From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪانء(انگريزي: House Crow ) جنھن کي اردو ۾ کوا چوندا آهن ۽ ان جو حياتياتي نالو ڪاروس اسپلينڊس corvus splendes آھي. اھو سنڌ جو ھڪ عام پکي آهي. ان کي انگريزي م ڪولمبو جو ڪانء پڻ چون ٿا. اھو ايشيا خصوصن ڏکڻ ايشيا ۾ عام ٿئي ٿو.ان کان علاوه ٿائيلينڊ، مالديپ، ايران ، ڏکڻ آفريقا خصوصن تنزانيا[1] ۾ به ملي ٿو. ان جو مٿو ،پير ،چھنب، ٽنگون پڇ ۽ پر ڪارا ھوندا آھن پر ان جي ڳيچي ۽ سينو ھلڪي سرمائي رنگ جا ھوندا آھن. ان جو قد جيڪ ڊا (JACKDAW) ۽ ڪئريون ڪرو (CARRION CROW) جي وچ وارو ھوندو آھي جيڪو لڳ ڀڳ 40 سينٽي ميٽر آھي پر اھو انھن ٻنهي پکين جي ڀيٽ ۾ سنھڙو ٿئي ٿو. بحري جهازن وسيلي ان جي جنس آسٽريليا پڻ پھتي پر جلد ختم ٿي وئي. نيدرلينڊز جي بندرگاهه ھوڪ آف ھالينڊ ۾ به ڪانء جي ھي جنس 1998 کان نظر اچي پئي.ڪانء جو ھي قسم ھميشه انساني آباديءَ ڀرسان رھندو آھي ۽ پنھنجا آکيرا ڊگھن وڻن تي ٺاھيندو آهي. ھن نسل جا ڪانء جي مادي 3 کان 6 آنا لاھيندي آھي.ھي پکي جاندارن جي ڪورڊيٽا فائلم يا ڪورڊيٽا بڻ سان تعلق رکن ٿا.
ڪانء House crow | |
---|---|
خطري کان دور (IUCN 3.1)سانچو:IUCN2006 Database entry includes justification for why this species is of least concern | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | جاندار |
درجو: | اويس |
ترتيب: | جھرڪين جھڙا پکي |
خاندان: | ڪورويڊاء |
نسل: | ڪوروس |
جنس: | سي .اسپلينڊنس |
حياتياتي نالو | |
ڪوروس اسپلينڊنس لوئيس جين پيري, 1817 | |
هيءَ ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. ننڍڙن ٻارن جي هٿن مان کاڌي جي شيءَ کسي ويندو آهي ۽ چالاڪ پکي آهي. وڻن جي ٽارين ۾ اهڙن مٿانهن هنڌن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ آنا لاهيندو آهي جتي ڪوبه چڙهي پهچي نه سگهي. ڪوبه اُنهيءَ وڻ تي چڙهندو ته مادي اُن کي ٺونگا هڻي، ڪان ڪان ڪري ڏاڍو گوڙ مچائيندي آهي. هن پکيءَ کي ڪانگ به چوندا آهن[2].
آکيري ۾ ڪانء جا ٻچا
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.