From Wikipedia, the free encyclopedia
گارگونزولا(انگريزي: Gorgonzola) /ˌɡɔrɡənˈzoʊlə/ اٽليءَ جو ڳئون جي ملائي يا ٿري واري کير مان ٺھندڙ نيري رنگ جو پنير آھي جيڪو مکڻ وانگر يا سخت، خستو ۽ نيري رنگ واري پاسي کان کائڻ سان نمڪين ھوندو آھي. گارگونزولا صدين کان اٽلي جي ميلان ڀرسان واقع گارگونزولا شھر ۾ ٺھندو رھيو آھي [2]
گارگونزولا Gorgonzola | |
---|---|
گارگونزولا ناشپتي سان گڏ | |
اصل ملڪ | اٽلي |
خطو، شھر | گارگونزولا شھر، ميلان |
کير جو ذريعو | ڳئون |
ڪاڙھيل کير | ھا |
ترڪيب | نرم ۽ خستو |
چرٻي وارا جزا | 25-35% |
خاصيحتن جي عمر | 3–4 مھينا |
تصديق نامو | اٽلي: 1955 کان
يورپي يونين: PDO from 1996[1] |
Related media on Wikimedia Commons |
اڄڪلهه اھو اٽلي جي اتر وارن شھرن پيڊمونٽ(انگريزي: Piedmont)۽ لومبارڊي(انگريزي: Lombardy) ۾ ڪثرت سان پيدا ڪيو ويندو آهي. ان ۾ نج ڳئون جو کير استعمال ٿيندو آهي جنھن ۾ خمير جو اسٽارٽر (پينسيليم گلاڪم(انگريزي: Penicillium glaucum) ۽ پينسيليم روڪفورٽي(انگريزي: Penicillium roqueforti)) ملائي گھٽ گرمي ۾ رکيو ويندو آهي ۽ ان مان ڌونري وارو پاڻي ڌار ڪيو ويندو آهي.
ٺاھڻ واري مرحلي ۾ ڌاتو جون راڊون ان ۾ بار بار وڌيون وينديون آهن تہ جيئن ان ۾ سوراخ ٿين ۽ اندر ھوا جي گذر لاءِ نليون ٺھن. گارگونزولا ٽن کان چئن مھينن تائين پنھنجون خاصيتون برقرار رکي سگھندو آھي
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.