ڪيرالا
ڏکڻ ھندوستان جي ھڪ رياست / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪيرالا(انگريزي: Kerala ) (/ˈkɛrələ/) ڏکڻ انڊياجي ھڪ رياست جيڪا ان جي ڏکڻ اولھ واري مالابار ساحل تي واقع آھي. اھا رياست پھرين نومبر 1956 ۾ اسٽيٽس ري آرگنائيزيشن ايڪٽ تحت ملايالم ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻھن جي علائقن کي گڏائي قائم ڪئي وئي. ھن رياست جي پکيڙ 38٬863 km2 (15٬005 sq mi) آھي. ھن رياست جون حدون اتر ۽ اتر اوڀر ۾ ڪرناٽڪا، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ تامل ناڊو ۽ اولھ ۾ لڪشادويپ سمنڊ سان ملن ٿيون.[6] 2011 ۾ ان جي مردم شماري 33,387,677 آھي. ھن رياست ۾ 14 ضلعا آهن. رياست جو گاديءَ جو هنڌ ٿيرووانانٿاپرم شھر آھي. سرڪاري زبان ملايالم آھي.[7] ھن علائقي جي پھرين مشھور بادشاھي چيرا شاھي خاندان جي ھئي سن 3000 ق م کان ھي علائقو مصالحا برآمد ڪرڻ جي ڪري مشھور رھندو آيو آھي. انھن مصالحن جو واپار ئي پورچوگيزن کي ھتي وٺي آيو ۽ اھڙي طرح انڊيا ۾ يورپي بيٺڪن جو آغاز ٿيو. انڊيا جي آزادي وقت ھتي ٻہ وڏيون پرنسلي رياستون ھيون جن ۾ ڪيرالا ٽروانڪور رياست ۽ ڪوچين جي بادشاھت شامل آهن. 1949 ۾ انھن ٻنھي کي ملائي ٿيروڪوچي رياست قائم ڪئي وئي. ھن رياست جي اتر ۾ واقع مالابار خطو برٽش انڊيا جي مدراس پريزيڊنسي جو حصو جيڪو پوء ڪيرالا جو حصو بڻايو ويو. ڪيرالا انڊيا جي ٻارھين وڏي معيشت آھي.
ڪيرالا | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
رياست | |||||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: نياماسڀا مندرم, ڪتاند (Kuttanad) جا چانورن جا فصل, ڪووالام بيچ، ڪاٿاڪالي, ڪرتب ڏيکاريندڙ , اٿراپيلي آبشار, ٻيڙي وارو گھر | |||||||
| |||||||
عرفيت: خدا جو پنھنجو ملڪ, انڊيا جو مصالحن جو باغ ، ناريلن جي سرزمين | |||||||
ڪيرالا جو مقام | |||||||
جاگرافي بيهڪ (ٿيروواناٿاپرم): 8.5°N 77°E / 8.5; 77 | |||||||
ملڪ | ڀارت | ||||||
رياست جو درجو | 1956 نومبر 1؛ 67 سال اَڳُ (1-11-1956) | ||||||
گادي | ٿيرووانانٿاپرم | ||||||
ڪيرالا جا ٽوٽل ضلعا | 14 | ||||||
حڪومت | |||||||
• مجلس | ڪيرالا جي حڪومت | ||||||
• گورنر | پي.ساٿاسيوم[1] | ||||||
• وزيراعلي | پنارايي وجيين (سي پي آء (ايم)) | ||||||
• مقننہ | ھڪ ايواني (141 سيٽون) | ||||||
• پارليامينٽ ۾ نمائندگي | راجيا سڀا ۾ 9 سيٽون
لوڪ سڀا ۾ 20 سيٽون | ||||||
• ھاء ڪورٽ | ڪيرالا ھاء ڪورٽ ڪوچي | ||||||
پکيڙ | |||||||
• ڪل | 38,863 ڪ.م2 (15,005 ميل2) | ||||||
پکيڙ ۾ درجو | پکيڙ ۾ انڊيا جي 22ھين وڏي رياست | ||||||
بلند ترین پیمائش | 2,695 ميل (8,842 ft) | ||||||
آبادي (2011)[2] | |||||||
• ڪل | 33,387,677 | ||||||
Symbols | |||||||
نشان | ڪيرالا جي مھر | ||||||
جانور | انڊيا جو ھاٿي | ||||||
پکي | Great hornbill | ||||||
مڇي | سائي ڪورمائيڊ | ||||||
جيت | پپيليو ٻڌا[3] | ||||||
گل | ڪانيڪونا گل | ||||||
ميوو | جيڪ فروٽ[4] | ||||||
وڻ | ناريل جو وڻ[5] |