هندستاني ليکڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
ڪرشن چندر (پيدائش 23 نومبر 1914ع، وفات 08 مارچ 1977ع)، ھندوستاني، اُردو ۽ ھندي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ ناولنگار ھُيو. ھن جي ڪم جو ڪُجھ حصو انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ آھي. ھي وسيع لکندڙ ليکڪ ھُيو. سندس قلمي پورھيو ويھن ناولن، ڪھاڻين جي ٽيھن مجموعن ۽ وڏو انگ ريڊيو لاءِ اردو ڊرامن لکڻ تي مشتمل ھُجڻ سان گڏ ورھاڱي کان سُتت پوءِ ھندي ٻوليءَ ۾ پڻ لکندو رھيو. طنزيہ ڪھاڻيون لکندڙ ليکڪ ھُجڻ جي ڪري پنھنجي معمولي آمدنيءَ ۾ واڌارو ڪرڻ جي لاءِ ھن باليووڊ فلمن جي لاءِ مُسودا پڻ لکيا. سندس لاجواب ناول بشمول ("ايک گدھے کی سرگزشت" ترجمو "ھڪڙي گڏھ جي آتم ڪٿا) سورھن کان مٿي ھندوستاني ٻولين ۾ ترجمو ٿيا ۽ ڪُجھ سنڌي ۽ انگريزي سميت ٻين ٻاھرين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿيا.
ڪرشن چندر ڀارتپور، راجستان ۾ پئدا ٿيو جتي سندس پيءَ ڊاڪٽر ھُيو. سندس ڪُٽنب اصل ۾ انڊيا جي اڻ ورھايل رياست پنجاب جي وزيرآباد، ضلعي گوجرانوالا سان تعلق رکندڙ ھُيو. ھن پنھنجي ٻاروتڻ پونچ، رياست ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گُذاري جتي سندس پيءُ مھاراجا پُونڇ جو فزيشن ھُيو. سندس ناول "شکست" (ھار) ڪشمير جي ورھاڱي سان لاڳاپيل آھي. "مڻی کے صنم" (مٽيءَ جا بُت) ھن جي مشھور ناولن مان ھڪ آھي جيڪا ھڪڙي نوجوان ڇوڪري جي ٻاروتڻ جي يادگيرين تي ٻَڌل آھي، جيڪو ڪشمير ۾ پنھنجي مائٽن سان گڏ رھيو ھو. ھن جو ھڪ ٻيو يادگار ناول "غدار" آھي جيڪو 1947ع ۾ ھندوستان ۽ پاڪستان جي ورھاڱي تي ٻَڌل آھي. ھن ناول ۾ ھڪڙي خودغرض نوجوان جي احساسن جي ذريعي ماڻھن جي ڀوڳنائن جي بھترين انداز ۾ منظرنگاري ڪئي وئي آھي، جيڪو پاڻ ھڪڙو غدار ھُيو.
ھن جون ڪھاڻيون ڪشمير جي ڳوٺن، مُلڪ بدر ڪيلن ۽ بي پاڙي شھر جي ماڻھن جون ڪھاڻيون آھن. ھي جڏهن اُردو ۾ لکندو ھو تڏھن پھاڙي (پُونڇ ۾ رھندڙ ماڻھن جو لھجو) لفظ ڪَتب آڻيندو ھو.[1] [2]
1930ع ۾ فارمين ڪرسٽيئن ڪاليج، لاھور ۾ پڙھيو، جتي ڪاليج پاران نڪرندڙ مئگزين جو انگريزي وارو ڀاڱو سنواريندو ھو ۽ اِھو اُھو وقت ھُيو جڏھن ھي انگريزي لکڻ ۾ دلچسپي رکندو ھو. تڏهن اُن مئگزين جي اُردو واري ڀاڱي جي سنواريندڙ (ايڊيٽر) مھر لعل سوني ضيا فتح آبادي ھن جي پيشہ ور طور ڇپجڻ لاءِ وسيلو بڻي، اُھو سال ھُيو 1932ع ۽ سندس پھرين اُردو ڪَھاڻي ھُئي، "ساڌُو".[3]
ھن جو جيڪو شاھڪار ادبي ڪم بينگال جي ڏُڪار، وحشت ۽ ڪٺورتا جيڪا 1947ع ۾ ھندوستان جي ورھاڱي دوران ڪئي وئي، تي ڪيل آھي اُھو جديد اُردو ادب جو بھترين نمونو آھي. پر ٻئي پاسي ھن طاقت جي غلط استعمال ۽ غُربت تي سختيءَ سان تنقيد ڪرڻ جاري رکيو ۽ ھن ڪڏهن بہ ذات پات جي نظام، جنونيت، فرقيوارانہ تشدد ۽ دھشتگردي تي احتجاج ڪرڻ بند نہ ڪيو. ھي انسانيت پرست ۽ جڳ ديسي ھُيو.[4]
ھن کي 100 کان مٿي ڪتاب لکندڙ طور ڄاتو وڃي ٿو. جنهن ۾ ناول، ڪھاٹين جا مجموعا، ڊراما، تصوراتي ڪھاٹيون، طنزيہ ادب، مزاحيہ نقالي ادب، روئداد نگاري، فلمي مُسودا ۽ ٻارن جا ڪتاب شامل آھن، جيڪي ھيٺئين ريت آھن:
ناول
1. جمون ڪا پيڙ
3. جب کيت جاگي
4. طوفان ڪي ڪليان
5. دل ڪي واديان سوگئين
6. آسمان روشن ھئي
7. باون پٽي[7]
8. ايڪ گدي ڪي سرگزشت[8] (ھڪڙي گڏھ جي آتم ڪٿا)
9. ايڪ عورت ھزار ديواني
11. سڙڪ واپس جاتي ھئي
12. دادر پُل ڪي نيچي
13. برف ڪي ڦول
14. بوربَن ڪلب
15. ميري يادون ڪي چِنار
16. گدي ڪي واپسي (گڏھ جي واپسي)[11]
17. چاندي ڪا گھائو (چاندي جو زخم)
18. ايڪ گدا نيفا مين
19. ھانگ ڪانگ ڪي حسينا
20. مٽي ڪي صنم
21. زر گائون ڪي راني
22. ايڪ وائلن سمندر ڪي ڪناري
23. درد ڪي نھر
24. لندن ڪي سات رنگ[12]
25. ڪاغذ ڪي نائو (ڪاغذ جي ٻيڙي)
26. فلمي قاعدا
27.پانڇ لوفر (1966ع)[13]
28. پانڇ لوفر ايڪ ھيروئن
29. گنگا بَھي نا رات (گنگا وھي نہ رات)
30. دُوسري برفباري سي پھيلي (ٻئي برفباري کان پھرين)
31. گواليار ڪا حجام
32. بمبئي ڪي شام
33. چندا ڪي چاندني
34. ايڪ ڪروڙ ڪي بوتل
35. مَھاراني
36. پيار ايڪ خوشبو
37. مَشينون ڪا شھر
38. ڪارنيوال
39. آئيني اڪيلي ھين
40. چنبل ڪي چنبيلي
41. اُسڪا بدن ميرا چمن
42. محبت ڀي قيامت ڀي
43. سوني ڪا سَنسار
44. سپنون ڪي وادي
45. آڌا راستا
46. ھونولولو ڪا راجڪمار
47. سپنون ڪي راھگُذارين
48. فوٽپاٿ ڪي فرشتي
49. آڌي سفر ڪي پوري ڪھاني
مختصر ڪھاٹين جا مجموعا
1. طِلسِمِ خيال[14]
2. ايڪ طوائف ڪا خط
3. نظاري
4. ھوائي قلعي
5. گھونگھٽ مين گوري جلي
6. ٽُوٽي ھُوئي تاري
7. زندگي ڪي موڙ پر
8. نغمي ڪي موت
9. پُراني خُدا
10. اَن داتا[15]
11. تين غُنڊي[16]
12. ھم وحشي ھئين[17]
13. اَجانتا سي آگي
14. ايڪ گِرجا ايڪ خندق
15. سمندر دُور ھئي
16. شڪست ڪي بعد
17. نئي غُلام
18. مين انتظار ڪرون گا
19. مزاحيہ افساني
20. ايڪ رُپيا ايڪ ڦُول
21. يُوڪلپٽس ڪي ڊالي
22. ھائڊروجن بوم ڪي بعد
23. نئي افساني (1943ع)[18]
24. ڪاب ڪا ڪَفن
25. دِل ڪسي ڪا دوست نھين[19]
26. مُسڪراني واليان
27. ڪرشن چندر ڪي افساني
28. سپنون ڪا قيدي
29. مِس نانيتال
30. دَسوان پُل[20]
31. گُلشن گُلشن ڍُنڍا تُجھ ڪو
32. آڌي گھنٽي ڪا خُدا
33. اُلجھي لڙڪي ڪالي بال (1970ع)[21]
34. ڪالُو ڀنگي[22]
* ڌرتي ڪي لعل (1958ع) - ڪھاڻي
* آندولن (1951ع) - ڪھاڻي ۽ مُسودو[23]
* تماشا (1952ع) - مَڪالما
* ديوَ آنند اِن گووا (1955ع) - مُسودو ۽ مڪالما
* دو ڦُول (1958ع) - مڪالما
* دھلي جنڪشن (1960ع) - مڪالما[24]
* مَمتا (1966ع) - مڪالما [25]
* شرافت (1970ع) - مُسودو ۽ مڪالما [26]
* دو چور (1972ع) - مڪالما
* مَن چلي (1973ع) - مڪالما
* ھَمراھي (1974ع) - ڪھاڻي ۽ مڪالما [27]
* رام ڀروسي (1977ع) - مڪالما
ھن ٻہ ڀيرا شادي ڪئي. سندس پھرين گھرواري وِدياوَتي چوپڙا ھُئي. کين اِن شاديءَ مان ڪُل ٽي ٻار ھُيا، ٻہ ڌيئر ۽ ھڪ پُٽ. ھن جي ٻي گھرواري سلميٰ صديقي ھُئي، جيڪا اُردو ٻوليءَ جي وڏي طنزيہ دان ۽ تعليمدان رشيد احمد صديقي جي ڌيءَ ھُئي.[28]
08 مارچ 1977ع تي ممبئي ۾ پنھنجي ڊيسڪ تي ڪم ڪندي ھي گُذاري ويو[29]. ھن بس ("ادب براءِ بطخ" ترجمو "ادب بدڪ لاءِ") جي عُنوان سان ھي لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو ۽ فقط ھڪ سِٽ ئي لکي ھُئي ("نوراني ڪو بچپن ھي سي پالتو جانورون ڪا شوق ٿا. ڪبوتر، بندر، رنگ برنگي چِڙيان....." ترجمو "نوراني کي ننڍپڻ کان ئي پالتو جانورن جو شوق ھُيو. ڪبوتر، ڀولڙا، رنگ رنگ جون جھرڪيون.....") اُن کان اڳ جو جملو پورو ڪري ھا، ھڪ وڏي دل جي دوري ڪارٹ سندس ساھ پورو ٿي ويو.
سندس ياد ۾ پُونڇ، ڄمون ۽ ڪشمير، انڊيا ۾ موجود ڦوھاري واري پارڪ کي "ڪرشن چندر پارڪ، پُونڇ" جو نالو ڏنو ويو. پارڪ جي وچ ۾ سندس مجسمو پٹ بيھاريو ويو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.