![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ed/A_fishing_net_in_Brandon_Creek_-_geograph.org.uk_-_921094.jpg/640px-A_fishing_net_in_Brandon_Creek_-_geograph.org.uk_-_921094.jpg&w=640&q=50)
ڄار
مڇي مارڻ لاءِ ڄار / From Wikipedia, the free encyclopedia
ڄار وسيلي مهاڻا مڇي ماريندا آهن. ڄار کي ڄارو ۽ رڇ به چئبو آهي. ڄارُ، ڊونڊيءَ يا هُڙهئي تي بيهي پاڻيءَ ۾ اڇلائبو آهي.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ed/A_fishing_net_in_Brandon_Creek_-_geograph.org.uk_-_921094.jpg/320px-A_fishing_net_in_Brandon_Creek_-_geograph.org.uk_-_921094.jpg)
ڄارَ جي هيٺين گول رانوَن ۾ لوهي ڇلا پيل هوندا آهن. ملاح مڇيءَ جي سير ڏسي، پوءِ اُن مٿان ڄار اُڇليندا آهن ۽ اُن کي ڇِڪي ڪنهن ڪوڀال يا ڪناري سان سوڙهو ڪندا آهن. پوءِ اُتي ڄار بيهاري، اُن جي مٿان ڪِيرن ۾ پُراڻا ۽ نوان ڄارَ، پاڻيءَ کان ٽي چار فوٽ مٿي ڪري ٻَڌندا آهن. اهڙيءَ ريت هيٺينءَ ڄار (جنهن کي مهاڻا ’پٿرا‘ چوندا آهن) جي مٿان گودا ٺاهيندا آهن، جن ۾ مڇي ٽپ ڏئي وڃي ڦاسندي آهي. جيڪو ڄار مهاڻا ٻيڙيءَ تي چڙهي هٿن سان پاڻيءَ ۾ اُڇلائيندا آهن، اُن کي ’سِر ڄار‘ چوندا آهن. ڄار، خانن ۽ اکن (Meshes) جو اُڻيل هڪ سلسلو ٿيندو آهي، جنهن جي هر هڪ اکي ۾ چار پاسا (legs) ۽ چار ڳنڍيون ٿينديون آهن، ۽ ائين اهو سلسلو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڪيترن والن تائين هليو ويندو آهي. اکا (Meshes) تمام ننڍا به ٿين، جن ۾ سنهي مڇي ماريندا آهن، ۽ اکا وڏا به ٿين، جن ۾ سامونڊي توڙي درياهي مڇي ماري ويندي آهي. ڪن حالتن ۾ ڄار پکين کي ڦاسڻ لاءِ به ڪم آڻبو آهي. سنڌ توڙي دنيا ۾ ڄارن جا سوين قسم آهن. ڄار ٺاهڻ وقت اهو خيال رکبو آهي ته اُن ۾ مڇين ڦاسائڻ جي وڌ ۾ وڌ صلاحيت هجي ۽ استعمال ڪرڻ ۾ آسان هجي ۽ اُن کي گھٽ ۾ گھٽ ماڻهو استعال ڪن ته جيئن افرادي قوت بچي سگهي. اڳي ڄار سُٽ جي ڌاڳن مان ٺاهيندا هئا، پر هاڻي ڪيميائي تندن يا ريشن (Fibres) مان به ٺهن ٿا، جيڪي مختلف ٿولهه جا ٿيندا آهن. ڄار ۾ اهڙا تندا ۽ ڌاڳا (fibres) استعمال ڪيا ويندا آهن، جن جي ٿولهه ڊگهائيءَ کان تمام گھڻي گھٽ هوندي آهي. تندي جي ٿولهه کي ’ڊِينئر‘ (Denier) چون. ڊينئر ڪنهن تار جو گرامن ۾ وزن آهي. مثال طور: نائلون جي ٿولهه 210 ڊينئر ۽ ان ۾ شامل 15 تندون، جنهنڪري ان کي 210/15 ڊينئر چئبو آهي. اڄڪلهه نائيلوني ڌاڳا پنجن قسمن جا ملن ٿا:
- 1) نوان جوڙيل ڌاڳا (Regenerated Fibres): جن ۾ ريان (Rayon) ۽ ڪپرا (Kupra) شامل آهن.
- 2) نيم مصنوعي ڌاڳا (Semi-Synthetic Fibres): جن ۾ ايسيٽيٽ (Acetate) ۽ ايسي ٽيٽ آڪسائيڊ (Acetate Oxide) اچي وڃن ٿا.
- 3) مصنوعي ڌاڳا (Synthetic Fibers): جن ۾ نائلون (Nylon)، وينائلون (vinylon)، سارن (saran)، ٽيويرون، هائيزيڪس (Hizex) ۽ پائلين (Pylon) وغيره اچي وڃن ٿا.
- 4) غير نامياتي ڌاڳا (Inorganic Fibers)
- 5) قدرتي ڌاڳا (Natural Fibers)
تندن يا ڌاڳن جا پهريان چار قسم مصنوعي ۽ ڪيميائي عنصرن مان جوڙيا وڃن ٿا، جڏهن ته پنجون قسم قدرتي عنصرن جھڙوڪ: سرن، ڪپهه ۽ اڪ جي کَل وغيره مان ٺاهيو وڃي ٿو. مڇي مارڻ لاءِ مهاڻا جيڪي ڄار ڪم آڻيندا آهن، سي ڪيترن قسمن جا ٿين ٿا. مڇي مارڻ لاءِ ڪئنالن ۾ جيڪو ڄار وجهندا آهن، تنهن کي ’پَٽو‘ چوندا آهن. ڪئنال يا واهه ۾ وچ تي هڪ ٻه ڪيرا (ڊگها ڪلا) کوڙي ڄار جو هڪ پاسو واهه جي ڪناري جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي ڪِيرن ۾ ٻڌندا آهن. ڄار جو هيٺيون پاسو، جنهن طرف پاڻيءَ جو وهڪرو هوندو، ان طرف زمين تي وڇائي ڇڏيندا آهن. ٿوري عرصي کان پوءِ هيٺينءَ رانءِ کي ڇڪ ڏيندا آهن ته مڇي ڄار جي وچ ۾ ڦاسي پوندي آهي ۽ پوءِ اها ڪڍي ڪناري تي اُڇليندا ويندا آهن. ڄار ڇِڪڻ واري هن عمل کي ’مُٺ ڏيڻ‘ چوندا آهن. مڇي مارڻ لاءِ مهاڻا هيٺيان ڄار ڪم آڻيندا آهن: