پوسٽل ڪوڊ
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽپال جو ڪوڊ يا پوسٽ ڪوڊ(انگريزي: Post Code ) مختصرن ان کي پن ڪوڊ يا زپ ڪوڊ پڻ چون ٿا. اھو عددي يا اکري ۽ ڪڏهن ڪڏهن عددي ۽ اکري ايڪن جو مجموعو ھوندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن انھن ايڪن ۾ وٿيون ۽ بيھڪ جون نشانيون پڻ شامل ھونديون آھن.
پوسٽل ڪوڊن سان علائقن ۽ شھرن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن شھرن ۽ ڳوٺن کان سواءِ اھي ڪوڊ مختلف سرڪاري ء غير سرڪاري ادارن جي پتن کي بہ ڏنا ويندا آهن جن جي ٽپال تمام وڏي پيماني تي موڪلي ويندي آهي. ادارن کي ڏنل ڪوڊ مخصوص ڪوڊ (special code) سڏبا آهن. اھو نظام ٽپال جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو جنھن ذريعي ھر ملڪ ، خطي، شھر يا اداري جي ٽپال آساني سان پھچائڻ لاءِ ورھائي موڪلي سگھبي آهي. فيبروري 2005 ۾ دنيا جي 190 ملڪن مان 117 ملڪن ۾ يونيورسل پوسٽل يونين جا رڪن ٿي چڪا ھئا.