From Wikipedia, the free encyclopedia
پنجابي گھاگرو (پنجابی: ਘੱਗਰਾ) چار حصن ۾ ورھايل ھڪ لباس آھي،[1] جنھن کي تيور بہ چيو وڃي ٿو۔ روايتي طور تي ھن لباس کي خطي پنجاب جو عورتون پھرن ٿيون۔ ھن ۾ ھڪ گلوبند (ڦولڪاري)، ڪرتو يا ڪرتي شامل آھن۔[2] ان کان علاوہ سُٿڻ يا پنجابي سلوار بہ ھن جو حصو آھن۔[3] جديد دور ۾ گھاگرو ھرياڻہ، پاڪستاني پنجاب جي ٻھراڙيءَ جي علائقن[4] ۽ ھماچل پرديش جي ڪجهه حصن ۾ پھريو وڃي ٿو۔[5]۔ روايتي گِڌّا رقص جي دوران بہ گھاگرو پھريو ويندو آھي۔[6]
گھاگري جي شروعات چنداتَڪا ۾ ٿي جيڪو گپت دور ۾ ھڪ مقبول لباس ھو۔[7] چنداتڪا مردن جي نيم پتلون جھڙو لباس ھو[8] جيڪو اڳتي ھلي ڪري گھاگري جي شڪل اختيار ڪري ويو۔ان جي وچين شڪل جي باري ۾ چيو ويو تہ مردن ۽ عورتن ٻنھي جي لاءِ قميص جھڙو ھڪ لباس ھو جيڪو سيني کان رانن تائين پھريو ويندو ھو۔ [9][10] چنداتڪا ستين صدي تائين عورتن جو مقبول لباس رھيو۔[11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.