![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/c3/Evening_lights_by_the_Pushkar_Lake%252C_Pushkar.jpg/640px-Evening_lights_by_the_Pushkar_Lake%252C_Pushkar.jpg&w=640&q=50)
پشڪر ڍنڍ
From Wikipedia, the free encyclopedia
پشڪر ڍنڍ (انگريزي Pushkar Lake) يا پشڪر سروور (Pushkar Sarovar) ھندستان جي راجستان رياست ۾ پشڪر شھر ۾ موجود ھڪ ڍنڍ آھي. ھيءَ ڍنڍ ھندوئن لاءِ ھڪ پوتر ڍنڍ آھي. ھندوئن جي عقيدي مطابق ڀڳوان برھما ھڪ ڪنول جي گل سان شيطان وجراناٿ کي ماريو ھو.انھيءَ گل جي پنکڙين مان ھن ڍنڍ جنم ورتو. ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي 300 کان بہ وڌيڪ مندر ٺھيل آھن ۽ 52 گھاٽ آھن جتي ياتري اچي سنان (غسل) ڪندا آھن. ھندوئن جي عقيدي موجب ھن ڍنڍ ۾ وھنجڻ سان سمورا گناھ ۽ بيماريون ڇڻي وڃن ٿيون. ھن ڍنڍ ۾ ٽٻي ھڻڻ سان ماڻھوءَ کي مڪتي ملي ٿي[1]. روايتن مطابق، ڏھون سک گرو، گرو گووند سنگھ (1666ع - 1708ع) ھن ڍنڍ جي ڪنا ري تي ويھي گرنٿ صاحب پڙھندو ھو[2]. ھن ڍنڍ جو نالو چوٿين صدي قبل مسيح جي ڪجهه سڪن تي مليو آھي. ھيءَ ڍنڍ ھندو ڌرم وارن جي پنجن پوتر ڍنڍن مان ھڪ آھي.
ترت ڄاڻ پشڪر ڍنڍ, مقام ...
بند ڪريو