پشاور
خيبر پختونخوا جو گاديءَ جو هنڌ / From Wikipedia, the free encyclopedia
پشاور (پشتو: پېښور؛ ھندڪو: پشور؛ اردو: پشاور؛ انگريزي: Peshawar) خيبرپختونخواه صوبي جي گادي جو هنڌ آهي. سياسي ڳڙه هئڻ سان گڏوگڏ معاشي حب پڻ آهي. پشاور پاڪستان جو ڇھون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شھر آھي، جنھن جي آبادي 2023 جي مردم شماري ۾ 47 لک کان مٿي آھي. اهو خيبر پختون خواه صوبي جو سڀ کان وڏو شهر آهي. اهو ملڪ جي اتر۔اولهه ۾، پشاور جي وادي ۾ واقع آهي. پشاور بنيادي طور تي پختونن جي آبادي وارو شھر آهي، جيڪو ملڪ ۾ ٻيو نمبر وڏو نسلي گروهه تي مشتمل آهي.
ترت ڄاڻ پشاور پېښور (پشتو), ملڪ ...
پشاور پېښور (پشتو) | |
---|---|
شھري ضلعو | |
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ: اسلاميه ڪاليج، ڪننگھم گھنٽا گھر، سونھري مسجد، بالا حصار قلعو، باب خيبر، مھابت خان مسجد | |
عرفيت: گلن جو شھر | |
پشاور جو پاڪستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 34°01′N 71°35′E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | خيبرپختونخوا |
ضلعو | پشاور ضلعو |
يونين ڪاؤنسل | 92 |
حڪومت | |
• قسم | ميٽروپوليٽن شھر |
• ميئر | ارباب عاصم |
• ڊپٽي ميئر | سيد قاسم علي شاهه |
پکيڙ | |
• شھري ضلعو | 1,257 ڪ.م2 (485 ميل2) |
بلندي | 331 ميل (1,086 ft) |
بلند ترین پیمائش | 450 ميل (1,480 ft) |
آبادي (2017)[1] | |
• شھري ضلعو | 1,970,042 |
بند ڪريو
پشاور جو هڪ پراڻي فوٽو پوسٽ ڪارڊ. پنجاب ڊجيٽل لائبريري پاران ترتيب ڏنل.