From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪي رائنوسار (انگريزي: Pachyrhinosaurus ) (معنيَ: ٿلھي نڪ وارو ڪرڙ). يوناني ٻوليءَ ۾ پاڪي معنيَ ٿلھو يا گھاٽو، رائنو جي معنيَ آھي نڪ ۽ سارس جي معنيَ ڪرڙ آھي.[1] ھي جانور دنيا مان نابود يا ختم ٿي ويو آهي. اتر آمريڪا ۾ رھندڙ ھي جانور جيولاجڪ دؤر ۾ ڪريٽاسيئس مان نڪتل سينٽروسارين سيراٽوپسيڊ ڊائنوسار جي ھڪ جنس ھيو. ھن جي ڍانچي جي حصن جي دريافت سڀ کان اول ڪيناڊا جي علائقي البرٽا مان چارلس ايم اسٽرن برگ 1946ع ۾ ڪئي ۽ 1950ع ۾ ان کي پاڪي رائنوسار جو نالو ڏنائينس. البرٽا مان ملندڙ کوپڙين ۽ ھڏن مان ٽن جنسن جي دريافت ٿي جن ۾ پاڪي رائنوسار پڻ شامل ھئي.[2] [3]
پاڪي رائنوسار | |
---|---|
پي پيروٽورم پيروٽ ميوزيم ۾ بيھاريل | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پاڪي رائنوسار |
قسم جنس | |
†پاڪي رائنوسار ڪيناڊينسس اسٽرن برگ , 1950 | |
جنس | |
†پي. ڪيناڊينسس اسٽرن برگ, 1950 |
سڀ کان وڏي مليل پاڪي رائنوسار جي ڊيگھ اٺ فٽ آهي [4] ان جو وزن چار ٽن تائين ھوندو ھو ۽ اھي گاھ کائيندڙ جاندار ھيا ۽ انھن جون ھوڙون ڏاڍيون مضبوط ھيون ۽ اھي سخت ڪاٺيون بہ چٻاڙي ويندا ھئا. انھن کي سڱ واري جڳھ تي ٿلھا بونبڙا ۽ نڪ تي بہ ھڪ بونبڙو ھين.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.