پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم
From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان نيشنل ڪرڪيٽ ٽيم: جيڪا شاھين جي نالي سان مشهور آهي[1][2] ان کي گرين شرٽس بہ چوندا آهن[3][4][5][6] ٽيم پاڪستان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ نمائندگي ڪندي آھي ۽ ان جي سنڀال پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪندو آهي. ٽيم انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي فل رڪن آهي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ، ون ڊي انٽرنيشنل ۽ ٽي-20 انٽرنيشنل ۾ حصو وٺندي آهي.
ترت ڄاڻ عرفيت, Association ...
Pakistan Cricket Crest | |
عرفيت | شاھين، گرين شرٽس |
---|---|
Association | پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ |
ذاتي | |
ڪيپٽن | سرفراز احمد، شعيب ملڪ |
ڪوچ | مڪي آرٿر |
تاريخ | |
Test status acquired | 1952 |
International Cricket Council | |
As of 3 April 2018 |
بند ڪريو
ٽيم ون ڊي انٽرنيشنل جون889 مئچون کيڏي چڪي آهي جن مان 469 کٽيون اٿائين 394 ھارايون اٿائين ۽ 18 ڪنھن نتيجي تي نہ پھتيون[7] ٽيم 1992 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيو.1999 جي ورلڊ ڪپ ۾ ھيء ٽيم رنر اپ ھئي.3 اپريل 2018 پاڪستان جي ٽيم جو ٽيزٽ ڪرڪيٽ رينڪنگ ۾ ستون نمبر ھو، ون ڊي انٽرنيشنل ۾ ڇھون ۽ ٽي 20انٽرنيشنل ۾ پھريون نمبر ھيو[8] ھن ٽيم 2009 ۾ ٽي20ورلڊ ڪپ کٽيو. 2017 ۾ چيمپئنز ٽرافي کٽي.