![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f7/Pakistan_Railways_headquarters_1.jpg/640px-Pakistan_Railways_headquarters_1.jpg&w=640&q=50)
پاڪستان ريلويز
گورنميٽ ريلوي ٽرانسپورٽ ڪمپني / From Wikipedia, the free encyclopedia
پاڪستان ريلويز، (انگريزي ٻولي: Pakistan Railways) جيڪا اڳ ۾ سال 1947ع کان فيبروري، 1961ع تائين اتر ويسٽرن ريلوي (North Western Railway) جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي ۽ جنهن جو فيبروري، 1961ع کان مئي، 1974ع تائين نالو پاڪستان ويسٽرن ريلوي (Pakistan Western Railway) هيو، گورنمينٽ آف پاڪستان جو هڪ کاتو آهي۔ جيڪو پاڪستان ۾ ريلوي خدمتون ڏيندو آهي۔ ان جو صدر دفتر لاهور ۾ آهي ۽ ريلوي واري وزارت جي تحت ڪم ڪندو آهي۔ پاڪستان ريلوي پاڪستان جي معيشت ۾ اهم آهي، پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي اچ وڃ جو سستو تيز رفتار آرام واريون سهولتون ڏيندو آهي۔
نارو پاڪستان ريلويز | |
![]() | |
قسم | ماتحت وزارت ريلوي، حڪومت پاڪستان |
---|---|
صنعت | پٽڙي ٽرانسپورٽ |
قيام | سال 1947 |
صدر دفتر | لاهور، پنجاب |
خدمتي علائقو | پاڪستان |
خدمتون | مسافرن ۽ مال جي ريل گاڏين جي ذريعي پهچ |
آمدني | پاڪستاني روپيو 18,612 ملين (2010-2011) [1] |
مالڪ | حڪومت پاڪستان (100%) |
ملازم | 82,424 (2010-2011) [1] |
ويب سائٽ | pakrail |
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/ae/Pakistan_Railways_Network_Map.png/640px-Pakistan_Railways_Network_Map.png)
سال2014ع ۾، ريلوي واري وزارت پاڪستان ريلوي ويزن-2026 شروع ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ پاڪستان ريلوي جو حصو 4 سيڪڙو کان 20 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ 886.68 بلين روپیا (3.1 بلين یو ایس دالر) چين۔پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) ريل اپ گريڊ منصوبي ۾ شامل آهن جن ۾ نئين لوڪوموٽو جي تعمير، موجود ريل انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ بهتري، اوسط ٽرين جي رفتار ۾ اضافو، وقت تي بهتر ڪارڪردگي ۽ مسافر خدمتن جي توسيع جا منصوبا شامل آھن۔ پروجيڪٽ جو پهريون مرحلو سال 2017 ۾ مڪمل ڪيو ويو، ۽ ٻيو مرحلو سال 2021ع تائين مڪمل ٿيڻ لاءِ مقرر ڪيل آهي۔ انهن ۾ ایم ایل-1 پراجيڪٽ آهي، جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، جنهن تي 1.11 ٽريلين رپیا (3.8 بلين یو ایس ڈالر) جي لاڳت ايندي۔ آڪٽوبر، 2022ع تائين، انهن منصوبن جي تعمير يا ٽينڊرنگ شروع نه ڪئي وئي۔ پاڪستان ريلوي انٽرنيشنل يونين آف ريلوي جو سرگرم ميمبر آهي۔ مالي سال 19-2018 ۾، پاڪستان ريلوي 70 ملين مسافرن کي کڻايو۔[2]