ٽنڊو الهيار ضلعو
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽنڊو الهيار ضلعو(انگريزي: Tando Allahyar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي. اِن جو صدرمقام ٽنڊو الھيار شهر آهي. هن ضلعي جي آبادي 2011 جي تخميني مطابق 6 لک 11 هزار ھئي جيڪا 2017ع ۾ وڌي 8،36،887 ٿي وئي. ان جي ڪُل پکيڙ 1581چورس ڪلوميٽر آھي[2]. ھن ضلعي جي اتر ۾ سانگھڙ، اوڀر ۾ ميرپور خاص، اولھ ۾ مٽياري، حيدرآباد ۽ ڏکڻ ۾ بدين ۽ ٽنڊو محمد خان واقع آهن. ٽنڊوالهيار جو پوسٽل ڪوڊ 70010 آھي[3].
ترت ڄاڻ Tando Allahyar ٽنڊوالهيار ضلعو, ملڪ ...
Tando Allahyar ٽنڊوالهيار ضلعو | |
---|---|
سنڌ جو ضلعو | |
ٽنڊوالهيار ضلعو ۽ ان جا تعلقا | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ڊويزن | حيدرآباد ڊويزن |
ضلعي صدر مقام | ٽنڊوالھيار شھر |
يونين ڪائونسلن جو تعداد | 24 |
ضلعي جو قيام | 5 مئي 2005ع |
حڪومت | |
• قسم | ميونسيپل ڪاميٽي ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل |
پکيڙ | |
• ڪل | 1,588 ڪ.م2 (613 ميل2) |
بلندي | 13 ميل (43 ft) |
آبادي ([1] 2017) | |
• ڪل | 8,36,887 |
بند ڪريو