![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/6/6b/Yama_with_danda.jpg/640px-Yama_with_danda.jpg&w=640&q=50)
يمراج
From Wikipedia, the free encyclopedia
هندو ماڻهو موت جي ديوتا کي چون يم، جنهن جو اچار زنداوستا ۾ ييم (Yima) آهي. سنڌيءَ ۾ يم بدران عام طرح جم (Jam) چئبو آهي. پارسيءَ ۾ به ائين چون ٿا انهيءَ ”جم“ لفظ“ پارسي نالو جمشيد (Jamshed) ٺهيو آهي، يعني”شيد لفظ پٺيان گڏيو اٿن، جيئن خور سان شيد. خورشيد (Kursheed) نالي ۾ به گڏيو اٿن.[1][2]