![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/a/a1/Laxmi_Vilas_Palace%252C_Vadodara.jpg/640px-Laxmi_Vilas_Palace%252C_Vadodara.jpg&w=640&q=50)
وڙودرا
From Wikipedia, the free encyclopedia
وڙودرا (انگريزي: Vadodara) ھندستان جي گجرات رياست جو ھڪ شھر آھي. ھن شھر کي بڙودا پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. وشوامتري نديءَ (Vishwamitri River) جي ڪناري تي آباد ھي شھر احمدآباد ۽ سورت کان پوءِ آباديءَ جي لحاظ کان گجرات رياست جو ٽيون وڏو شھر آھي. ھڪ اندازي مطابق، 2022ع ۾ ھن شھر جي آبادي 2,277,153 ٿي وئي آھي. ھي گجرات جي انھن شھرن مان آھي جن جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رھي آھي[1]. ھي شھر آحمدآباد کان ڏکڻ اوڀر ۾ 100 ڪلوميٽرن (60 ميلن) جي پنڌ تي آباد آھي. مقامي ماڻھو ھن کي سنسڪري ننگري (ثقافت جو شھر) ۽ ڪلا ننگري (فن جو شھر) پڻ سڏيندا آھن. ھي شھر روڊ ۽ ريل وسيلي ممبئي، دھلي ۽ ھندستان جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي.
وڙودرا بڙودا Vadodara or Baroda | |
---|---|
شھر | |
مٿان کان گھڙيال واري رخ ۾:
لڪشمي ولاس محل، پرتاب ولاس محل، شھر جو مرڪز، سردار پٽيل پلانيٽيريم، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، ھوائي اڏو | |
عرفيت: ڪلا نگري ،(ثقافت جو شھر) سياجي نگري، سنسڪاري نگري | |
ڀارتي رياست گجرات ۾ بيھڪ## ڀارت ۾ بيھڪ | |
جاگرافي بيهڪ: 22°18′N 73°12′E | |
ملڪ | ھندستان |
رياست | گجرات |
ضلعو | وڙودرا |
زون | 4 |
پکيڙ | |
• ڪل | 220.33 ڪ.م2 (85.07 ميل2) |
پکيڙ ۾ درجو | چوٿون (گجرات) ڏھون (ھندستان) |
بلندي | 32 ميل (105 ft) |
آبادي (2022) | |
• ڪل | 2,277,153 |
ھن شھر ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھو چڱي تعداد ۾ آباد آھن. سندن آبادي 135000 جي لڳڀڳ آھي[2]. احمد اباد بڙودا ريڊيو اسٽيشن جي سنڌي سروس جا پروگرام سنڌ ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويندا ھئا. ھن شھر ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر رھن ٿا.