ڪمپيوٽر سافٽويئر From Wikipedia, the free encyclopedia
ويب ڳولا انجڻ هڪ سافٽويئر سسٽم آهي، جيڪو عالمگير ويب مان ڄاڻ جي ڳولا لاءِ جوڙيو ويو آهي. ڳولا جا نتيجا عمومي طور قطار ۾ ڏيکاريا وڃن ٿا، جن کي ڳولا انجڻ نتيجن وارو صفحا چيو ويندو آهي. ڳولا انجڻ پاران ڳوليل نتيجن ۾ ويب صفحا، تصويرون ۽ ٻين قسمن جا فائيل شامل هوندا آهن. ڪجهه ڳولا انجڻ ميسر سرنامن جي ڪتاب مان پڻ ڄاڻ ڳولي ڏيندا آهن. ويب سرنامن جو ڪتاب جنهن ۾ ڄاڻ کي ماڻهو شامل ڪندا آهن، پر ويب ڳولا انجڻ الخوارزمي (انگريزي: Algorithm) جي مدد سان عالمگير ويب مان ڄاڻ تلاش ڪندا آهن. انٽرنيٽ ۾ اها ڄاڻ جن تائين ڳولا انجڻ کي پهچ حاصل نه هجي ان کي اونهو ويب (انگريزي: Deep Web) چيو ويندو آهي.
ٽائيم لائين (مڪمل فهرست) | ||
---|---|---|
سال | ڳولا انجڻ | موجوده حيثيت |
1993 | ڊبليو3ڪيٽالاگ | غيرفعال |
علي ويب | غيرفعال | |
جمپ اسٽيشن | غيرفعال | |
ڊبليو ڊبليو ڊبليو وارم | غيرفعال | |
1994 | ويب ڪرولر | فعال, مواد جمع ڪندڙ |
گو.ڪام | غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو | |
لائڪوس | فعال | |
انفوسيڪ | غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو | |
1995 | ڊائم | فعال |
ميگيلن | غيرفعال | |
ايڪسائيٽ | فعال | |
ساپو | فعال | |
ياهو! | فعال, سرنامن جي ڪتاب طور شروع ڪيو ويو. | |
الٽاوسٽا | غيرفعال, 2013ع ۾ ياهو! خريد ڪيو، هاڻ هن کي ياهو ڏانهن موڙيو ويندو آهي! | |
1996 | ڊاگ پيلي | فعال, مواد جمع ڪندڙ |
انڪ ٽومي | غيرفعال, ياهو! خريد ڪيو. | |
هوٽ بوٽ | فعال (lycos.com) | |
آسڪ جيويس | فعال (نالو ask.com ۾ تبديل ڪيو ويو) | |
1997 | Northern Light | غيرفعال |
ينڊيڪس | فعال | |
1998 | گوگل | فعال |
Ixquick | فعال also as Startpage | |
MSN Search | فعال بنگ ۾ تبديل ڪيو ويو. | |
empas | غيرفعال (merged with NATE) | |
1999 | AlltheWeb | غيرفعال (URL redirected to Yahoo!) |
GenieKnows | فعال, rebranded Yellowee.com | |
Naver | فعال | |
Teoma | غيرفعال, آسڪ.ڪام ڏانهن موڙيو وڃي ٿو. | |
Vivisimo | غيرفعال | |
2000 | Baidu | فعال |
Exalead | فعال | |
Gigablast | فعال | |
2001 | Kartoo | غيرفعال |
2003 | Info.com | فعال |
Scroogle | غيرفعال | |
2004 | Yahoo! Search | فعال, Launched own web search (see Yahoo! Directory, 1995) |
A9.com | غيرفعال | |
Sogou | فعال | |
2005 | AOL Search | فعال |
SearchMe | غيرفعال | |
2006 | Soso | غيرفعال, redirects to Sogou |
Quaero | غيرفعال | |
Search.com | فعال | |
ChaCha | غيرفعال | |
Ask.com | فعال | |
Live Search | فعال بنگ جي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو. | |
2007 | wikiseek | غيرفعال |
Sproose | غيرفعال | |
Wikia Search | غيرفعال | |
Blackle.com | فعال, گوگل ڳولا | |
2008 | Powerset | غيرفعال (بنگ ڏانهن موڙيو وڃي ٿو) |
Picollator | غيرفعال | |
Viewzi | غيرفعال | |
Boogami | غيرفعال | |
ليپ فش | غيرفعال | |
Forestle | غيرفعال (redirects to Ecosia) | |
ڊڪ ڊڪ گو | فعال | |
2009 | بنگ | فعال, Launched as rebranded Live Search |
Yebol | غيرفعال | |
Mugurdy | غيرفعال due to a lack of funding | |
Scout (Goby) | فعال | |
NATE | فعال | |
Ecosia | فعال | |
2010 | Blekko | غيرفعال, sold to IBM |
Cuil | غيرفعال | |
Yandex (English) | فعال | |
2011 | YaCy | فعال, P2P web search engine |
2012 | Volunia | غيرفعال |
2013 | Qwant | فعال |
Infoseek | غيرفعال, ڊزني ڏانهن موڙيو وڃي ٿو. | |
2014 | Egerin | فعال, Kurdish / Sorani search engine |
2015 | Cliqz | فعال, Browser integrated search engine |
2016 | Search Encrypt | فعال |
2016 | Pricesearcher | فعال |
انٽرنيٽ اندر ڳولا انجڻ جو بنياد 1990 ڌاري پيو. ڪير آهي (انگريزي: Whois) ۾ واپرائيندڙ جي ڳولا جي شروعات 1982ع ۾ ٿي[1] ۽ نونبوٽ انفارميشن سروس (انگريزي: Knowbot information Service) جي شروعات 1989ع ۾ ٿي.[2] پهريون قلمبند ڪيل ڳولا انجڻ 10 سيپٽمبر 1990ع ۾ شروع ٿي جنهن جي زريعي فائيل وغيره ڳولي سگھبا هئا.[3] 1993ع کان اڳ سڄي عالمگير ويب جي ديٽا هٿن سان محفوظ ڪئي ويندي هئي. ان وقت ٽم بيرنيرسلي ڪيترائي ويب سرور جوڙيا جيڪي سرن جي ويب سرور ميزباني ۾ هئا.[4] پهريون اوزار جيڪو عالمگير ويب ۾ ڄاڻ کي ماڻهن جي مدد کان بغير ڳولڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو ان کي آرڪي (انگريزي: Archie) چيو ويو.[5] آرڪي، آرڪائيو (انگريزي: Archive) مان نڪتل لفظ آهي پر ان مان وي (انگريزي: V) کي ختم ڪيو ويو.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.