From Wikipedia, the free encyclopedia
واسڪو ڊَي گاما ھڪ پرتگالي سامونڊي ڌاڙيل ھو جنھن يورپ کان ڏکڻ آفريڪا جي چوڌاري گھمي ڪري ھندستان تائين سامونڊي رستو لڌو ۽ مهم جوئي ۽ واپار جي ھڪ نئين دنيا کولي. ھو 1469ع ۾ پرتگال ۾ پيدا ٿيو ۽ 1524ع ۾ ڪوچي ھندستان ۾ وفات پاتائين. ان زماني ۾ يورپي حڪمران پنھنجي ملڪ کان ٻاهر ڌاڙو جائز سمجھندا ھئا.[3]
واسڪوڊي گاما جي ھندستان تائين سامونڊي رستي جي ھن دريافت کانپوء تقريبن سو سالن تائين پرتگالين کي اوڀر سان مصالحن جي واپار تي برتري حاصل رهي.
واسڪو ڊيگاما | |
---|---|
(پورچوگيزي ۾: Vasco da Gama) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 1469 [1] |
موت | 24 ڊسمبر 1524 (54–55 سال) |
وجه موت | مليريا |
عملي زندگي | |
پيشو | تلاش ڪندڙ |
ڪم جي ٻولي | پورچوگيزي ٻولي [2] |
عسڪري خدمتون | |
دستخط | |
ترميم |
واسڪوڊي گاما 20 مئي 1498 تيڪالي ڪٽ ھندستان پهتو هو. ان کان چار سال اڳ ڪرسٽوفر ڪولمبس آمريڪا لھي چڪو هو جڏھن تہ بابر 1526ع ۾ دهلي جو تخت سنڀاليو.
ممباسه (ھاڻوڪو ڪينيا) جي ويجھو ھن ڪيترن ئي عرب واپاري جهازن کي لٽيو. عرب ملاح ۽ جهازران احمد بن ماجد جي تعاون سان ھن کي ھندستان وڃڻ جو رستو مليو. ان کان پوءِ ھو اتر ۾ مالندي (اولھ آفريڪا) پهتو جتي ھن کي پهريون ڀيرو ھندستاني واپاري نظر آيا. اتان کان ھن ڪنھن ھندستاني ملاح کي (گھڻو ڪري اغوا ڪري) آماده ڪيو تہ ھن کي ھندستان تائين وٺي وڃي.
ڪالي ڪٽ جي حڪمران ساموٿري واسڪوڊي گاما جي خاترداري ڪئي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.