هندوڌرم
ننڍو کنڊ هندستان ۾ وڏي تعداد ۾ عمل ڪيو ويندڙ ڌرم (مذهب) جيڪو اصل ۾ سناتن ڌرم (يعني سُنتن جو ڌرم) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي / From Wikipedia, the free encyclopedia
هندو (Hindu) لفظ سنسڪرت (Sanskrit) جي قديم ڪتابن ۾ بيان ٿيل ناهي. هي لفظ ’انڊس“ (Indus) يا سنڌو (سنڌ)، مان نڪتو آهي. اهو لفظ سنڌو درياھ جي اوڀر وارن ماڻهن لاءِ استعمال ۾ آيو ۽ پوءِ آهستي آهسي اهو لفظ هند جي رهاڪن لاءِ ڪتب اچڻ لڳو. معنيٰ ته هندو هندوستان جو. [1] ان ڳالهه جي حمايت ڀائي پرمانند، آل انڊيا مهاسڀا جي صدر، پڻ ڪئي آهي ته هندو لفظ سنڌو مان نڪتل آهي. ٿلهي ليکي جيڪڏهن هندو مٿ کي بيان ڪجي ته پوءِ هندو مت اهو ڌرم آهي، جنهن کي هندو مڃين ٿا. اھڙي نموني اھي جيڪي سناتن ڌرم کي مڃيندا ھئا سي ھندو سڏجڻ ۾ آيا، سناتن معنا داعمي ڌرما معنا قانون سڌ ٿيو، يا داعمي قانون انسان ذات جي رھنمائي ۽ ڀلا ئي لاءِ آهي.