From Wikipedia, the free encyclopedia
نيپال ۾ 25 اپريل 2015ع تي 7.8 جي شدت جو زلزلو جنهن سان ڪثير عمارتون تباھ ۽ جاني نقصان ٿيو۔ زلزلي ۾ ڪيترا ئي اهم ۽ قديم تاريخي مندر ۽ ٻيون عمارتون بہ تباھ ٿيون۔[4] 2000 کان وڌيڪ فوتگيون 6400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔۔ زلزلي جا جھٽڪا چين، ڀارت، بنگلاديشں ۽ پاڪستان ۾ بہ محسوس ڪيا ويا۔ نيپال سان گڏوگڏ چين، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ بہ ڪل 74 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔ زلزلي سان مائونٽ ايوريسٽ تي برفاني طوفان اچي ويو جنهن سان 17 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي۔ گذريل 80 سالن ۾ نيپال ۾ اچڻ وارو هي شديد ترين زلزلو آهي ۽ انکي مائونٽ ايوريسٽ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو سانحو قرار ڏنو ويو۔[5]
تاريخ | 25 اپريل 2015 |
---|---|
مقامي وقت | 6:11:26 UTC[1] |
شدت | 7.8 Mw [1] |
گهرائي | 15.0 ڪلوميٽر (9 mi)[1] |
مرڪز | 28.147°N 84.708°E[1] |
قسم | قيامت خيز[1] |
متاثره علائقا | نيپال اتر ڀارت چين بنگلا ديش پاڪستان |
وڌ کان وڌ. شدت | IX (خوفناڪ) [1] |
Aftershocks | 6.6 MW April 25 at 06:45[2] |
فوتيون | 2021 موت 6,439 زخمي[3] |
مرڪزي نيپال ۾ پليٽن هي وچ ۾ ارتڪاز جي شرح هر سال تقريباََ 45 ملي ميٽر آهي۔ محل وقوع، شدت ۽ زلزلي جي فوڪل ميڪانزم جي وجهہ سان مشورو ڏنو ويو آهي تہ
2021 ماڻهن جي مرڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، 6400 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، مرڻ وارن ۾ 700 ماڻهو صرف کٽمنڊو ۾ مريا، سي اين اين جي مطابق عمارتون ڪري پيون ۽ شاهراهون تباھ ٿي ويون۔ زلزلي سان مائونٽ ايوريسٽ تي برف جو طوفان آيو جنهن سان 17 ماڻهو فوت ٿيا۔[10]ايوريسٽ کان زلزلي جو مرڪز صرف 220 ڪلوميٽر (140 ميل) پري هيو۔ انکي مائونٽ ايوريسٽ جي تاريخ جو بدترين سانحو چيو پئي ويو۔يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو کٽمنڊو جي مطابق کٽمنڊو دربار چوڪ مبينا طور تي ڪري پيو۔[11]زلزلي کان متاثر هزارين ماڻهن پوري رات سخت سرد موسم ۾ کليل آسمان هيٺ بسر ڪئي۔ سوين ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا. زلزلي سان بنگلاديش، ڀارت ۽ چين ۾ تبت جي علائقي جا ماڻهو بہ متاثر ٿيا. ڀارت جي شمالي رياستن ۾ 62 ماڻهو فوت ٿيا۔
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.