نيلس هينريڪ ايبل جو هڪ رياضي دان هو جنهن مختلف شعبن ۾ نمايان مدد ڪئي. هن جو سڀ کان وڌيڪ مشهور واحد نتيجو پهريون مڪمل ثبوت آهي جدليات ۾ عام قائن From Wikipedia, the free encyclopedia
ايبل نيئلس ھينرڪ:(انگريزي: Abel, Niels Henrik)/ˈɑːbəl/; (1802–1829) ناروي جو رياضيدان ۽ آلجبرا جو ماھر جيڪو جيڪڏهن 26 سال جي عمر ۾ وفات نہ ڪري ھا تہ اوڻويھين صدي جو سڀ کان وڏو رياضيدان ٿئي ھاا[1]. ھن ڪئنٽڪ مساوات جي ريڊيڪل ذريعي حل ڪڍي ڏنو جنھن حل جي تلاش ٽن صدين کان جاري ھئي. ھن گروپ ٿيوري ۽ آلجبرا تي تحقيق ڪئي.
نيئلس ھينرڪ ايبل | |
---|---|
نيلس ھينرڪ ايبل | |
پيدائش | 5 آگسٽ 1802 نيڊسٽرئنڊ, ڊينمارڪ-ناروي |
وفات | 6 اپريل 1829 (عمر 26 سال) فرولينڊ, ناروي |
رھائش | ناروي |
قوميت | نارويئن |
مادر علمي | رايل فريڊرڪ يونيورسٽي (BA, 1822) |
شھرت جو ڪارڻ | ايبلس بائنوميئل ٿيورم ابيلين ڪيٽيگري ابيلين ورائٽي ايبل واري مساوات ايبل جي پھرين قسم جي مساوات ايبلين وارو اضافو ايبيلين فنڪشن ايبيلين گروپ ايبل جي شناخت ايبل واري نابرابري |
'سائنسي پيشو' | |
شعبو | ميٿميٽڪس |
تعليمي صلاحڪار | بيرنٽ ميخائيل ھومبوئي |
سڃاڻپ نشان | |
ھن جي زندگي ڏاڍي غربت ۾ گذري. ھن جي اسڪولي استاد ھن جي ذھانت کي سڃاڻيندي ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس ليئونارڊ اوئلر، جوزف لوئيس لگرانج ۽ ٻين رياضيدانن جي باري ۾ پڙھايو ۽ ھن جي يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ مالي مدد ڪئي[1]. 1821 ۾ ايبل ناروي جي شھر ڪرسچنيا (موجوده:اوسلو) جي ڪرسچنيا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو[1] ۽ آخري سال دوران ھن ڪئينٽڪ مساواتن (پنجين ڊگري واري پولي ناميل مساواتون) کي ريڊيڪلز ذريعي حل ڪرڻ لاء ڪم شروع ڪيو.ان وقت رياضيدان ڪئاڊريٽڪ، ڪيوبڪ ۽ ڪئارٽڪ مساواتن جي حل لاء عام فارمولا استعمال ڪندا ھئا پر اڃان ڪئينٽڪس تي اھڙو فارمولو نہ ٺھي سگھيو ھو جيڪو ايبل 1822۾ ٺاھيو[1]. ھن پنھنجو ريسرچ پيپر ڊينمارڪ جي رياضيدان فرڊيننڊ ڊيجن جي حوالي ڪيو تہ جيئين رائل سوسائٽي آف ڪوپن هيگن ۾ ڇپجي پر ڊيجن کي ايبل جي فارمولي جي منطق ۾ ڪجهه مونجھارو نظر آيو ۽ ان کيس انگي حسابن ۾ مثال ڏيڻ لاءِ چيو[1] . ھن پنھنجي مقالي ۾ انگي حسابن واري طريقي ۾ فارمولا ۾ ھڪ غلطي سڃاتي جنھن سان ھن کي خبر پئي تہ پنجين ۽ ان کان مٿي واري ڊگري جي مساواتن جا عام حل ڇو ناممڪن آھن[1]. ايبل اھا مشاھداتي دريافت 1825 ۾ ھڪ پمفليٽ ۾ ڇپائي ۽ بعد ۾ اپلائيڊ ۽ پيور ميٿميٽڪس جي جنرل ۾ ڇپائي لاءِ پيش ڪئي. شروع ۾ ان کي ڪا خاطر خواهه موٽ نہ ملي پر پوءِ آھستي آھستي اھو يورپ جي رياضيدانن جي ڌيان ۾ ايندو ويو ۽ ان کي موٽ ملي [2].
ھن ھن جي سموري تحقيق سندس زندگي جي آخري ڇھن ستن سالن ۾ ٿي.[3] فرانس جي رياضيدان چارلس ھرمٽ ھن لاء چيو ھو تہ:
"ايبل ايترو ڪم ڪري ويو جنھن سان رياضيدان پنج سؤ سالن تائين مصروف رھندا"
ايبل کي برلن يونيورسٽي ۾ پروفيسر شپ ملي پر بدقسمتي سان کيس ٽيوبرڪيلاسس لڳي وئي ۽ 6 اپريل 1829 ۾ وفات ڪري ويو[2].پيرس ۾ کيس ٽي بي جي بيماري لڳي 1828 جي ڪرسمس تي ھن سليڊ کان فرولينڊ پنھنجي مڱيندي ڪرسٽين ڪيمپ سان ملڻ لاءِ سفر ڪيو جتي سندن جوڙي موڪلن جو مزو ورتو جنھن بعد جلد ئي وفات ڪيائين.
1830 ۾ پيرس يونيورسٽي سندس موت بعد ان جي خدمتن جي مڃتا ۾ گرينڊ پرڪس ڏنو.2002 ۾ ھن جي ٻہ سؤ سالا جنم ڏينهن تي نارويئن اڪيڊمي آف سائنس اينڊ ليٽرز سندس نالي سان سالياني ايبل پرائيز جي ڏيڻ شروعات ڪئي[2].
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.