نئون ديرو

From Wikipedia, the free encyclopedia

نئون ديروmap

نئون ديرو: :Naudero, اردو: نوڈیرو) پاڪستاني صوبي سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي رتوديرو جو ھڪ ٽائون ڪاميٽي وارو ننڍو شھر .[1] جنھن جي يونين ڪائونسل ۾ ڀٽو خاندان جو اباڻو ڳوٺ ۽ قبرستان ڳڙهي خدابخش پڻ واقع آهي جتي پاڪستان جي اڳوڻن وزيراعظمن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو جون قبرون ھڪ عاليشان مقبري ھيٺ واقع آھن . نئون ديرو شھر ۾ ڀٽو خاندان جو اباڻو گھر پڻ واقع آهي جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جو پيپلز پارٽي جو ھڪ سياسي مرڪز آھي جتي ذولفقار علي ڀٽو ۽ بي نظير ڀٽو جي سالياني ورسين تي پيپلزپارٽي جي لڳ ڀڳ سموري قيادت گڏ ٿيندي آهي. ھن وقت اھو گھر شھيد بينظير ڀٽو جي مڙس آصف علي زرداري ۽ پٽ بلاول زرداري جي ملڪيت آهي. نئون ديرو ۾ مشھور نئون ديرو شگر مل بہ واقع آهي جيڪو اھم صنعتي ادارو آھي جنھن جي ھجڻ ڪري علائقي ۾ ڪمند جي فصل ۾ واڌارو ٿيو آهي.

Thumb
شھر جي باب ذوالفقار جو ھڪ منظر
ترت ڄاڻ نئون ديروNau dero نوڈیرو, ملڪ ...
نئون ديرو
Nau dero
نوڈیرو
سنڌ جو شھر
Thumb
نئون ديرو جي شاھنواز ڀٽو ريلوي اسٽيشن
Thumb
نئون ديرو
نئون ديرو
Thumb
نئون ديرو
نئون ديرو
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°40′5″N 68°21′40″E
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو
بند ڪريو

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.