مٽياري ضلعو
سنڌ جو ھڪ ضلعو / From Wikipedia, the free encyclopedia
مٽياري ضلعو (انگريزي ٻولي: Matiari District)، پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جو هڪ ضلعو آهي، جنهن کي 2005ع ۾ حيدرآباد کان الڳ ڪري ضلعو ٺاهيو ويو. ضلعي جو صدرمقام مٽياري شهر آهي. هن ضلعي ۾ ٽي تعلقا آهن.[2] جن جا نالا مٽياري تعلقو، ھالا تعلقو ۽ نيو سعيد آباد تعلقو آھن. ھن ضلعي جي يونين ڪائونسلن جو تعداد 30 آھي[3]. نيشنل ھاء وي ايم 5 ھن ضلعي وچان گذري ٿو. ھن ضلعي جي اندر مشھور صوفي بزرگن جون مزارون آھن.جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم نوح شامل آهن. شيخ اياز ۽ علامہ عمر دائود پوٽو پڻ ھن ضلعي اندر ڀٽ شاھ ۾ دفن ٿيل آھن. ضلعي جي اولھ واري پاسي کان سنڌو درياھ گُذري ٿو.مشھور حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن بہ ھن ضلعي ۾ واقع آهي.