سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو هندستاني ليکڪ From Wikipedia, the free encyclopedia
موهن ڪلپنا(انگريزي:Mohan Kalpana) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو اهو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن سهڻي سنڌي ٻولي کي شاهڪار ناول ڏنا. موهن ڪلپنا جو سپنو مرڻ ڪنان به سپنو ئي رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس خواهش هئي ته هڪ ڀيرو سنڌ جي ڌرتيءَ تي پير پائي ڏسان، سنڌو درياھ جو ديدار ڪري سگهان پر سندس اهي خواهشون پوريون نه ٿي سگهيون ۽ هو سنڌ جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو ڌڻيءَ کي وڃي پرتو.
موهن ڪلپنا | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 22 نومبر 1930 ڪوٽڙي ،سنڌ ،بمبئي پريزيڊينسي |
موت | 19 جُونِ 1992 (62 سال) الھاس نگر ممبئي ،ڀارت |
شھريت | ڀارت (26 جنوري 1950–) برطانوي راڄ |
ڪم جي ٻولي | سنڌي |
اعزازات | |
ترميم |
موهن ڪلپنا جو اصل نالو ”موهن بولچند لالا“ هو ۽ سندس وڏا اصل دادو ضلعو جي شهر سيوهڻ جا هئا پر سندس جنم جو شهر ڪوٽڙي آهي. موهن ڪلپنا جو جنم ڏينهن 22 نومبر سال 1930ع آهي. موهن ڪلپنا مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. دنيا جي عام جفاڪشي کي منهن ڏيڻ واسطي هو اخبار نويسي جي ڌنڌي ۾ وڃي لڳو. اها اخبار هئي روزانه ”سنڌڙي“. سندس زال جو نانءُ ڪمل ۽ ڌيءَ جو گيتا اٿس. موهن ڪلپنا انڊيا جي مهراڻ ادبي سنگت جو چئرمين به رهيو. سندس پهرين رچنا ”آتم هتيا“ ڪهاڻي آهي جيڪا هن 1948ع ڌاري لکي. ان کان پوءِ هن جي لکڻين جي لنبي قطار آهي.
هن جا لڳ ڀڳ ٽيهه کن ڪتاب سنڌ توڙي هند ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڏاڍي چاهه سان پڙهيا ويندا آهن. سندس مشهور ڪتاب ”آواره“، ”رڃ ۽ پاڇا“، ”اٺين ڪٿا“، ”تون منهنجي سندرتا جو آرنڀ آهين“، ”درد جو درياءَ“، ”چاندني ۽ زهر“، ”اها شام“، ”اڃا رات باقي آ“، ”فنڪار ۽ فيلسوف“، ”جهاز جي ڊيڪ تي“، ”بک، عشق ۽ ادب“ وغيره آهن.
موهن ڪلپنا سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو، ”رات جو چنڊ نڪرندو آهي ۽ ماڻهو سمهي پوندا آهن. شاعري ان جڳهه جو نالو آهي جا مساڻن ۾ چڪر لڳائيندي آهي. تپسيا اُلوءَ جو ڌرم آهي. تهذيب ڪپڙي جو وال نه پر ان جو اگهه آهي. تاج محل مزدورن جو پگهر آهي. شاهڪار ڪمپازيٽر جي ڪمپوزنگ آهي.“ ساڳئي ئي پورٽريٽ جي آخر ۾ هو لکي ٿو، ”مون کي پوري خاطري آهي ته مان سرسوتي جي چوٽيءَ مان ڪريل ڦول جي هڪ پنکڙي نه آهيان. پر ڪڏهن، ڪٿي، ڪنهن پنهنجو پير رکيو هو، مان ان پير جو نشان آهيان ۽ مان ان پير جي ڳولها ۾ آهيان.“
سنڌ ۾ سندس گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب ”سنڌي ساهت گهر حيدرآباد“ طرفان ڇپيا. هن جا ڪيترائي ڪتاب پنج کان ڇهه ڀيرا پڻ ڇپجي چڪا آهن. سندس آتم ڪٿا ”بک، عشق ۽ ادب“ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب ڪوٺجي ٿو.
موهن ڪلپنا جي ڪتاب ”بک، عشق ۽ ادب“ مان ڪجهه چونڊ ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.
موهن ڪلپنا 19 جنوري 1992ع ۾ الھاس نگر ممبئي ۾ دل بيهڻ سبب ديهانت ڪري ويو.[4]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.